Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مناسب ٿئي ها ته وزير اعظم وضاحت ڪرڻ سان گڏو گڏ احتجاجي هڙتالن جي سببن جو خاتمو به ڪن ها.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


مناسب ٿئي ها ته وزير اعظم وضاحت ڪرڻ سان گڏو گڏ احتجاجي هڙتالن جي سببن جو خاتمو به ڪن ها.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 6/16/2015
مناسب ٿئي ها ته وزير اعظم وضاحت ڪرڻ سان گڏو گڏ احتجاجي هڙتالن جي سببن جو خاتمو به ڪن ها.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
خواجه آصف جي ڇڙ ڏياريندڙ ريمارڪس سان ڪروڙين مهاجرن جي دل آزاري ٿي آهي.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 16 جون 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف جي طرفان قومي اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ ماورائي عدالت قتل ڪيل نوجوانن کي مک چوڻ جي حوالي سان وضاحت تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته مناسب ٿئي ها ته وزير اعظم وضاحت ڪرڻ سان گڏو گڏ احتجاجي هڙتالن جي سببن جو خاتمو به ڪن ها.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته وزير اعظم کي ان ڳالھ تي اعتراض آهي ته ڪراچي ۾ هڙتالون ڇو ڪيون وڃن ٿيون. پر اهي وزارت عظمٰي جي منصب تي فائز هجڻ جي باوجود انهن کي ڪراچي جي بي گناھ مهاجرن کي حراست جي دوران وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائڻ، گرفتار ٿيلن کي لاپتا ڪرڻ ۽ ماورائي عدالت قتل ڪرڻ جي واقعن تي مذمت جي اظهار جي توفيق به نه ٿي. رابطا ڪميٽي چيو ته ملڪ خصوصن سنڌ جي حق پرست عوام کي پرامن احتجاج ۽ هڙتالون ڪرڻ جو ڪوئي به شوق نه آهي، پر جڏهن قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ظلم تي لهي اچن، بي گناھ مهاجرن کي انهن جي گهر وارن جي سامهون گرفتار ڪري لاپتا ڪيو وڃي. سرڪاري حراست ۾ بي گناھ نوجوانن کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو وڃي، انهن کي حراست جي دوران ماورائي عدالت قتل ڪيو وڃي ۽ مظلومن کي حڪومت، عدالت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان انصاف نه ملي ته پوءِ مظلوم عوام وٽ احتجاج ۽ هڙتال کان سواءِ ٻيو ڪهڙو رستو رهجي وڃي ٿو؟ رابطا ڪميٽي چيو ته وزير اعظم ۽ وفاقي وزير داخلا خاطري ڪرائي هئي ته ڪراچي آپريشن جي نگراني جي لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪئي ويندي پر وزير اعظم جي طرفان ان ڳالھ جي به وضاحت نه ڪئي وئي ته ڪهڙا عوامل انهن کي مانيٽرنگ ڪميٽي جي قيام کان روڪي رهيا آهن ۽ ايم ڪيو ايم کي خاطري ڪرائڻ جي باوجود حڪومت جي طرفان مانيٽرنگ ڪميٽي جو قيام ڇو عمل ۾ نه آندو ويو. رابطا ڪميٽي محب وطن مهاجرن جي باري ۾ وفاقي وزير دفاع  خواجه آصف جي توهين وارن ريمارڪس جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته خواجه آصف جي ڇڙ ڏياريندڙ ريمارڪس سان ڪروڙين مهاجرن جي دل آزاري ٿي آهي جنهن جو وزير اعظم کي فوري طور تي نوٽس وٺڻ گهرجي ۽ خواجه آصف کان انهن ريمارڪس جي وضاحت طلب ڪرڻ گهرجي.a

6/30/2024 7:28:31 AM