Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر جي طرفان دهشت گردن جي گرفتارين جي آڙ ۾ سياسي ڪارڪنن سان وحشياڻو سلوڪ سراسر غير انساني آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


رينجر جي طرفان دهشت گردن جي گرفتارين جي آڙ ۾ سياسي ڪارڪنن سان وحشياڻو سلوڪ سراسر غير انساني آهي. قائد تحريڪ  جناب الطاف حسين.
 Posted on: 6/17/2015
رينجر جي طرفان دهشت گردن جي گرفتارين جي آڙ ۾ سياسي ڪارڪنن سان وحشياڻو سلوڪ سراسر غير انساني آهي. قائد تحريڪ  جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪري غائب ڪيو پيو وڃي.
صدر ممنون حسين پنهنجن اختيارن جو استعمال ڪندي سنڌ جي عوام کي رينجر جي ظلمن ۽ ناجائز گرفتارين کان بچائين. جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 17 جون 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رينجر جي هٿان ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي لڳاتار گرفتارين ۽ ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي ڇاپن تي سخت رڌ عمل جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي ۾ رينجر جي طرفان بغير ڪنهن وقفي جي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي بغير ڪنهن وارنٽ جي ڇاپن، گرفتارين، ڪارڪنن جي غير موجودگي ۾ انهن جي گهر وارن کي مارڪٽ ڪرڻ ۽ گرفتار ٿيلن تي وحشياڻو تشدد ڪري انهن کي حراست جي دوران ئي ماورائي عدالت قتل يا معذور ڪري ڇڏڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. انهن فرمايو ته دهشت گردن جي گرفتارين جي آڙ ۾ سياسي ڪارڪنن سان اهڙو وحشياڻو سلوڪ نه صرف سراسر غير انساني آهي بلڪه اقوام متحده جي چارٽر، پاڪستان جي آئين ۽ پاڪستان جي زميني قانونن جي به سراسر خلاف ورزي آهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪري غائب ڪيو پيو وڃي ۽ جڏهن حق پرست اسيمبلي ميمبر انهن گرفتارين تي رينجر جي مقامي آفيسرن سان رابطو ڪن ٿا ته اهي انهن کي خاطر خواھ جواب نه ٿا ڏين. گرفتار ٿيلن کي ڪيترن ئي مهينن تائين غائب رکيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين  انهن کي حراست ۾ رکي ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ انهن جي گرفتاري ظاهر ڪئي ٿي ۽ پوءِ وڌيڪ تشدد ڪرڻ جي لاءِ انهن جو ريمانڊ ورتو وڃي ٿو. جناب الطاف حسين صدر مملڪت ممنون حسين کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان کي بطور صدر پاڪستان جيڪي توڙا گهڻا اختيار حاصل آهن انهن جو استعمال ڪندي سنڌ جي عوام کي رينجر جي ظلمن ۽ ناجائز گرفتارين کان بچائين. صدر ممنون حسين اهو به ياد رکن ته پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي حرمت ۽ پاسداري ڪرڻ رينجر جي لاءِ به اهڙي طرح ئي ضروري آهي جهڙي طرح ڪنهن عام ماڻهو جي لاءِ ضروري آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ جا دانشور۽ ليکڪ صرف ڳالهيون ڪري ۽ رينجر جي تعريف ۾ هڪ ٻئي تي سبقت وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي بجاءِ پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي جي ڳڻتي ڪن جيڪو وڏي نازڪ دور کان گذري رهيو آهي. انهن وڌيڪ فرمايو ته تجربي ڪار ۽ پڙهيل لکيل سياستدان ئي ٻڌائي سگهن ٿا ته ملڪ جو مستقبل محفوظ آهي يا ان جي سلامتي ۽ بقا کي سخت خطرا لاڳو آهن. 

7/17/2024 11:01:27 AM