Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سرڪاري اهلڪارن جي هٿان ايم ڪيو ايم ڪورنگي سيڪٽر جي جوائنٽ سيڪٽر انچارج نذر مڪرم، ڪورنگي سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبر مجيب ، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 77 جي انچارج محمد عالم ۽ شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 108 جي ڪارڪن محمد شاهد جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.

 Posted on: 6/17/2015

ڪراچي؛ 17 جون 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سرڪاري اهلڪارن جي هٿان ايم ڪيو ايم ڪورنگي سيڪٽر جي جوائنٽ سيڪٽر انچارج نذر مڪرم، ڪورنگي سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبر مجيب، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 77 جي انچارج محمد عالم ۽ شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 108 جي ڪارڪن محمد شاهد جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سرڪاري اهلڪارن اهو معمول بڻائي ورتو آهي ته جڏهن به ايم ڪيو ايم جو ڪوئي پروگرام منعقد ٿئي ٿو ته ان جي اختتام تي جڏهن ذميوار، ڪارڪن ۽ عوام پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃن ٿا ته انهن جي گاڏين کي روڪي ڪري تلاشي ورتي وڃي ٿي، انهن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن کي گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ٿو. اڄ به ايم ڪيو ايم ڪورنگي سيڪٽر جي  جوائنٽ سيڪٽر انچارج نذر مڪرم، ميمبر مجيب ۽ يونٽ انچارج محمد عالم کي ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت کان واپسي تي ڪورنگي ڪراسنگ تان حراست ۾ ورتو ويو. اهڙي طرح شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 108 جي ڪارڪن محمد شاهد جيڪي گلستان جوهر ۾ ڍبل روٽي جي گاڏي تي مزدوري ڪري رهيا هئا. انهن کي به گرفتار ڪري ورتو. رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ طرف ته مهاجرن جي لاءِ ڪڌا ۽ لسانيت تي ٻڌل لفظ استعمال ڪيا پيا وڃن ته ٻئي طرف ذميوارن ، ڪارڪنن ۽ همدردن تي زندگي تنگ ڪئي پئي وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته ڪراچي آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي سياسي ۽ جمهوري سرگرمين تي غير اعلانيه پابندي ڇو هنئي پئي وڃي ۽ ان جي بي گناھ ڪارڪنن کي ڪهڙن مقصدن جي تحت گرفتار ڪيو پيو وڃي.رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪي به ماڻهو ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائي ڪري ان کي جمهوري ۽ سياسي طور تي ناڪام بڻائڻ چاهين ٿا اهي ڀلي ڪيتري ئي طاقت استعمال ڪري وٺن اهي ايم ڪيو ايم کي حقن جي جدوجهد کان روڪي نه ٿا سگهن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي گرفتار ڪيل ڪارڪنن جي گرفتاري جو سختي سان نوٽس ورتو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي سمورن گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي. 

7/17/2024 11:06:40 AM