Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعظم ميان محمد نواز شريف مهاجرن جي خلاف خواجه آصف جي بيان تي پنهنجي جماعت ۽ حڪومت جي پوزيشن واضع ڪن.ڊاڪٽر فاروق ستار.


وزير اعظم ميان محمد نواز شريف مهاجرن جي خلاف خواجه آصف جي بيان تي پنهنجي جماعت ۽ حڪومت جي پوزيشن واضع ڪن.ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 6/16/2015
وزير اعظم ميان محمد نواز شريف مهاجرن جي خلاف خواجه آصف جي بيان تي پنهنجي جماعت ۽ حڪومت جي پوزيشن واضع ڪن.ڊاڪٽر فاروق ستار.
مهاجرن هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان جي معيشت کي سهارو ڏنو ۽ هاڻي هڪ سازش جي تحت مهاجرن کي ورهايو پيو وڃي. حيدرعباس رضوي.
مهاجرن جي تذليل ۽ توهين ڪئي پئي وڃي ۽ انهن سان زيادتيون ڪيون پيون وڃن، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف مهاجرن جي خلاف لساني تعصب جو نوٽس وٺن. قمر منصور.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 16 جون 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته وفاقي وزير دفاع خواجه آصف  مهاجرن جي توهين ڪرڻ تي فورن معافي نه ورتي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪندي. سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيشنن کان واڪ آئوٽ ڪندي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي انچارج ڪهف الورٰي ، رابطا ڪميٽي ميمبر حيدرعباس رضوي، قمر منصور، شبير قائم خاني ۽ اسلم آفريدي به موجود هئا.ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ترميمي ايڪٽ جي آئيني ۽ قانوني مخالفت جي جواب ۾ وفاقي وزير دفاع خواجه آصف جي طرفان غير پارليماني ۽ ڇڙ ڏياريندڙ تقرير ۽ انهن جي طرفان ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن جي اسان مذمت ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جو اختلاف آرمي ايڪٽ ۾ توسيع  يا ترميم تي نه بلڪه بجيٽ رول جي دوران آرمي ايڪٽ آرڊيننس آڻڻ جي طريقي تي هو. بجيٽ سيشن جي ختم ٿيندي ئي اجلاس گهرايو وڃي ها ته ايم ڪيو ايم آرمي ايڪٽ ۾  توسيع جي ڀرپور حمايت ڪري ها. ايم ڪيو ايم فوجي عدالتن، پي پي او ۽ ضرب عضب جي به ڀرپور حمايت ڪئي هئي. خواجه آصف جي طرفان اسيمبلي سيشن کان پوءِ پرائيويٽ چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ اهو چوڻ ته مهاجر صرف جالنڌر ۽ لڌيانيه کان اچڻ وارا آهن، باقي سب جعلي مهاجر آهن. انهن چيو ته پوري مهاجر قوم جي خلاف زهر اڳرڻ، تعصب ۽ نفرت واري زبان استعمال ڪرڻ نه صرف تاريخ جي سڀني کان وڏي هجرت جي توهين آهي بلڪه پاڪستان ۾ وسندڙ ڪروڙين مهاجرن جي دل آزاري به آهي ۽ مهاجرن جي قربانين جي توهين به آهي. وفاقي وزير جي طرفان اهو چيو ويندڙ جملو ٻه قومي نظريي ۽ تحريڪ پاڪستان کان بلڪل انڪار آهي. انهن چيو ته هجرت جي دوران  اسان جي حامله امڙين ۽ ڀينرن جا پيٽ چيري ٻارن کي ٻاهر ڪڍي ڪري ڪٺو ويو، نياڻين ۽ ڀينرن جون عزتون لٽيون ويون ۽ ريلن جون ريلون وڍيون ويون. اوڀر پاڪستان ۾ ملڪ جي سلامتي جي لاءِ مهاجرن قربانيون ڏنيون پر مهاجرن جي قربانين کي عزت جو رتبو ڏيڻ جي بجاءِ مهاجرن ۾ پنجابي زبان ڳالهائڻ وارن ۽ غير پنجابي مهاجر جي ورهاست ڪرڻ قابل افسوس آهي. انهن چيو ته مهاجرن سان ملڪ ۾ وسيلن جي تقسيم ۽ انتظامي معاملن ۾ به ناانصافيون ڪيون پيون وڃن ۽ اهڙي وقت ۾ وزير دفاع جي طرفان قومي اسيمبلي جي فلور تي ۽ ٽي وي چينلن تي مهاجرن جي خلاف ڳالهائڻ مهاجرن جي توهين آهي، انهن چيو  ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته مهاجرن جي پاڪستان ۾ ڪهڙي عزت آهي؟ ۽ آئين ۾ مهاجرن جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ انهن چيو ته مهاجر ٽارگيٽ ڪلنگ، ماورائي عدالت قتل ۽ ڏاڍ جي زور تي لاپتا ڪرڻ جو شڪار آهن ، اهڙي وقت ۾ مهاجرن کي دلاسو ڏيڻ جي بجاءِ انهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو پيو وڃي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته حڪومت مهاجرن کي ملڪي سياست ۾ ڪردار ادا ڪرڻ کان روڪڻ چاهي ٿي، انهن وڌيڪ چيو ته هاڻي جيڪڏهن مهاجرن جي قربانين کي تسليم نه ڪيو ويو ته محروم ۽ مظلوم مهاجرن جو آئين تان اعتماد کڄي ويندو. ان موقعي تي حيدرعباس رضوي چيو ته اسان گذريل ڪيترن ئي سالن کان مهاجرن جي خلاف سياسي جماعتن جو نفرت وارو رويو ڏسي رهيا آهيون. ملڪ جي چونڊيل نمائندن جي طرفان مختلف وقتن ۾ مهاجرن کي زنده لاشون ، مکيون، بکيا ننگا ۽ نقلي مهاجرن جهڙا لقب ڏيڻ مهاجر قوم جي تذليل آهي. انهن چيو ته مهاجرن ملڪي معيشت کي هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ سهارو ڏنو ۽ پاڪستان کي دنيا ۾ سڃاڻ ڏني ۽ اڄ به مهاجر پاڪستان جي معيشت کي 70 سيڪڙو روينيو ڏين ٿا. مهاجر صرف اردو ڳالهائڻ وارا ئي نه بلڪه 12 مختلف زبانون ڳالهائڻ وارا مهاجر آهن. انهن وڌيڪ چيو ته مهاجرن هر دور ۾ حب الوطني جو ثبوت ڏنو آهي جنهن جي واضع مثال اڄ به بنگله ديش جي ريڊڪراس جي ڪيمپن ۾ موجود محصورين پاڪستان آهن . انهن محب وطن قلم ڪارن، دانشورن ۽ ملڪ جي پاليسي سازن کي اپيل ڪئي ته اهي ملڪ ۾ مهاجرن جي تذليل ۽ انهن سان ٿيندڙ ناانصافين جو نوٽس وٺن. ان موقعي تي قمر منصور چيو ته ملڪ قائم ٿيڻ کان پوءِ اڄ تائين مهاجرن جي مختلف وقتن ۾ تذليل ڪئي وئي ۽ انهن سان زيادتيون ڪيون ويون آهن. انهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي کان مطالبو ڪيو ته اهي مهاجرن جي خلاف لساني تعصب جو فوري طور تي نوٽس وٺن. انهن چيو ته وزير اعظم ميان نواز شريف وفاقي وزير دفاع خواجه آصف جي بيان تي پنهنجي جماعت ۽ حڪومت جي پوزيشن واضع ڪن ۽ خواجه آصف کي 5 ڪروڙ مهاجرن کان معافي وٺڻ جي تلقين ڪن.

6/30/2024 7:35:35 AM