ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ايم ڪيو ايم ايلڊر ونگ جي انچارج سيد طيب حسين هاشمي جي والده محترمه ۽ ايم ڪيو ايم ايلڊر ونگ جي ميمبر ۽ سابق حق پرست ڪائونسلر طيب يزداني جي وفات تي دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 16 جون 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم ايلڊر ونگ جي انچارج سيد طيب حسين هاشمي جي والده محترمه ۽ ايم ڪيو ايم ايلڊر ونگ جي ميمبر ۽ سابق حق پرست ڪائونسلر طيب يزداني جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن مرحومن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.