آصف علي زرداري جي تقرير کي ملڪي ادارن جي خلاف قرار ڏيڻ وارا اينڪر پرسن عمران خان جي ان بيان تي ڇا چوندا جنهن ۾ انهن چيو هو ته 20 هزار ماڻهو روڊن تي نڪري اچن ته انهن جنرلن جو مٽ وهي ايندو.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو سوال.
لنڊن؛ 17 جون 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد مصطفٰي عزيز آبادي، قاسم علي رضا، سليم دانش ۽ محمد اظهار پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ ٽي وي چينلن جي انهن سمورن اينڪرپرسنن ۽ تبصرو ڪندڙن کي جيڪي سابق صدر آصف زرداري جي تقرير جي ڪجھ حصن کي نه صرف گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا آهن بلڪه ڪجھ حصن کي ته ملڪي ادارن جي توقير جي خلاف به قرار ڏيئي رهيا آهن، کي چيو آهي ته اسان انهن تجزين جو احترام ڪريون ٿا ۽ ان کي صحافت جي آزادي جو حصو به سمجهون ٿا. پر اهي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان جي ان بيان تي جنهن جو وڊيو بيان ريڪارڊ تي موجود آهي جنهن ۾ انهن چيو هو ته جيڪڏهن 20 هزار ماڻهو روڊن تي نڪري اچن ته انهن جنرلن جو مٽ وهي ايندو، اهي ايترا ته بزدل هوندا آهن ان تي اهي اينڪر پرسن حضرات ڪهڙو تبصرو ڪرڻ پسند فرمائيندا؟