Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خواجه آصف مهاجرن جي نه بلڪه بانيان پاڪستان ۽ تاريخ جي سڀني کان وڏي هجرت جي توهين ڪئي آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.


خواجه آصف مهاجرن جي نه بلڪه بانيان پاڪستان ۽ تاريخ جي سڀني کان وڏي هجرت جي توهين ڪئي آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 6/16/2015
خواجه آصف مهاجرن جي نه بلڪه بانيان پاڪستان ۽ تاريخ جي سڀني کان وڏي هجرت جي توهين ڪئي آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
اهو شهر بي غيرت نه آهي جو ان ٻار ۽ پٽ مرندا رهن ۽ اهو پنهنجو ڪاروبار کوليون ويٺو هجي.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
خواجه آصف سازش ڪئي آهي۽ ڪنهن قوم سان اهڙي طرح جو سلوڪ جائز ۽ مناسب نه آهي. حيدرعباس رضوي.
جهڙي طرح بنگالين کي تسليم نه ڪيو ويو اهڙي طرح ئي مهاجرن سان به ظلم ڪيو پيو وڃي. قمر منصور.
ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران مظاهري کي خطاب.
ڪراچي؛ 16 جون 2016 
             ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اسان کي پاڪستان قائم ڪرڻ جي هڪ ٻئي سزا ڏني وئي آهي. خواجه آصف پنهنجي دل جي ڳالھ ڪري بدترين شائونسٽ، نسل پرستي ۽ تعصب واري رويي جو اظهار ڪيو آهي. انهن چيو ته اها مهاجرن  جي قدمن جي ئي برڪت آهي جو اسان هنڌستان کان هلي ڪري هنڌستان ۾ پهتاسين ته اهو هنڌستان پاڪستان بڻجي ويو. انهن چيو ته خواجه آصف مهاجرن جي خلاف توهين وارا ريمارڪس ڏيڻ تي فوري طور تي معافي وٺن نه ته اهو احتجاج جاري رهندو.انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران وفاقي وزير دفاع خواجه آصف جي طرفان مهاجرن جي خلاف توهين وارن ريمارڪس جي خلاف هڪ وڏي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور، حيدر عباس رضوي ۽ ٻين کان علاوه اسيمبلي ميمبر ۽ ڪارڪنن جي تمام وڏي تعداد موجود هئي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته خواجه آصف ۽ انهن جهڙن ٻين ماڻهن کي پاڪستان تي قبضو ڪرڻ ۽ تسلط مضبوط ڪرڻ جي لاءِ بنگالين ۽ هجرت ڪرڻ وارن کان خطرو هو. انهن چيو ته اڄ 5 ڪروڙ مهاجرن جا نمانئدا ۽ 20 ڪروڙ محب وطن پاڪستانين جا نمائندا ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران گڏ ٿي ڪري خواجه آصف جي بيان جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا جنهن ۾ انهن مهاجرن کي ورهائڻ جي سازش ڪئي آهي ، انهن پنجابي ڳالهائڻ وارن ، اردو، پوربي، هريانوي، ميمني ۽ گجراتي ڳالهائڻ وارن مهاجرن کي الڳ الڳ ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙي طرح مهاجرن ۾ تقسيم ڪئي وئي آهي. انهن چيو ته اڄ محب وطن پاڪستاني خواجه آصف ۽ سياسي اڪابرن کان سوال ڪن ٿا ته ڇا اها تاريخ پاڪستان ۾ رقم ڪئي پئي وڃي جو اڄ قيام پاڪستان جي جدوجهد جي اسيمبلي جي فلور تي به نفي ٿي رهي آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن مان مک، ڪارو، ۽ ايجنٽ آهيان ۽ منهنجي بي عزتي جو اهو سلسلو شروع ڪيو پيو وڃي ته ڪاش نواز شريف ۽ خواجه آصف کي جڏهن قيام پاڪستان جي وقت هجرت جو سلسلو شروع ٿيو هو انهي وقت اسان جي ابن ڏاڏن کي سرحدن تي روڪي ڪري اهو چئي ڇڏڻ گهرجي ها ته اها زمين توهان جي نه آهي. انهن چيو ته اڄ توهان اسان جي توهين نه ڪئي آهي بلڪه بانيان پاڪستان ۽ تاريخ جي سڀني کان وڏي هجرت جي توهين ڪئي آهي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطاب تي پابندي جي خلاف ميڊيا هائوسز جي طرفان به آواز اٿارڻ گهرجي ها ته اظهار جي آزادي تي پابندي ڇو لڳائي وئي. چيف جسٽس آف پاڪستان جناب الطاف حسين جي تقرير تي پابندي جو سوموٽو نوٽس وٺن. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي خطاب ڪندي چيو ته جيڪو به تحريڪ پاڪستان ۽ ان جي لاءِ ڏنل قرباني تي سوال اٿاريندو ته پوءِ اسان به  جواب ڏينداسين. انهن خواجه آصف کي مخاطب ڪندي چيو ته اسان جا وڏا 1857 ۾ انگريزن جي خلاف بغاوت ڪري رهيا هئا ۽ ڦاهين تي ٽنگجي رهيا هئاپر توهان جا وڏا ان انقلاب کي ڪڇلڻ جي لاءِ انگريزن سان گڏ دهلي پهچي رهيا هئا. اسان جا وڏا  جڏهن خلافت عثمانيه موومينٽ هلائي رهيا هئا ته توهان جا وڏا خلافت عثمانيه جي خلاف انگريزن سان گڏجي ڪري جنگ وڙهي رهيا هئا ۽ اهڙي جنگ جو انهن ڪعبت الله شريف تي گولي هلائڻ کان به نه ڪيٻايو. انهن چيو ته جنهن ڏينهن پاڪستان قائم ٿيو ته ان ڏينهن جي پاڪستان جي سڀني کان امير ماڻهن جي لسٽ ڪڍي وڃي ۽ پاڪستان جي انهن اميرن جي ڪري ئي اڄ پاڪستان امير آهي.انهن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جو سڀني کان وڏو فائدو خواجه آصف توهان کي ٿيو آهي جو اسان وفادار ماڻهو  اهو سمجهون ٿا ته پاڪستان اسان جي قربانين جي ڪري قائم ٿيو ۽ توهان چالاڪ ماڻهو اهو سمجهو ٿا ته توهان کي پاڪستان انگريزن جي خدمت جي ڪري تحفي ۾ مليو آهي. انهن چيو ته خواجه آصف توهان جهڙن ماڻهن کي پاڪستان تي قبضو ڪرڻ ۽ تسلط قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻن شين کان خطرو هو هڪ ته بنگالين ۽ ٻيو هجرت ڪرڻ وارن کان ، پهرين توهان انهن کي الڳ ڪيو ۽ هاڻي توهان مهاجرن کان به جيڪي پاڻ سان گڏ بينڪون، ترقي يافته تهذيب ۽ نئون سماج  کڻي آيا هئا انهن کان به اهي شيون ڇڻڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. انهن وزير اعظم کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان جي زبان مان نڪتل هر هڪ ڳالھ سچائي سان ثابت ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن اوهان منهجي ان ڳالھ جو جواب نه ڏيئي سگهيو ته پوءِ توهان کي ان قوم کان معافي وٺڻ گهرجي. انهن چيو ته اهو شهر بي غيرتن جو نه آهي جو ان جا ٻار ۽ بچا مرندا رهن ۽ اهو پنهنجو ڪاروبار کوليون ڪري  ويٺو هجي . ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر حيدرعباس رضوي چيو ته اڄ وري اسان جي قوم جي توهين ڪئي وئي آهي جيڪڏهن ڪنهن کي ايم ڪيو ايم کان ناراضگي آهي ته پوءِ تنقيد به ايم ڪيو ايم تي ٿيڻ گهرجي. انهن چيو ته بار بار پاڪستان جي مختلف معتبر سياستدانن جي طرفان مهاجرن جي خلاف توهين وارا لفظ ۽ تعصب وارو رويو رکيو ويو آهي. اسان جي وڏڙن 20 لک جانين جي قرباني ڏني آهي جنهن جي ڪري اهو پاڪستان قائم ٿيو هو. پر ڪهڙو سبب آهي جو ڪڏهن انهن مهاجرن کي بکيو ننگو، ڪڏهن ڪارو ۽ ڪڏهن مک چيو وڃي ٿو. انهن چيو ته ايتري توهين مهاجرن جي ڇو ڪئي پئي وڃي ۽ ڪهڙو سبب آهي. انهن وڌيڪ چيو ته اسان اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اهي ماڻهو جن اسان کي بکيو ۽ ننگو چيو اهي اها ڳالھ سمجهي وٺن ته اسان بکيا ۽ ننگا ڪڏهن به نه هئاسين ، اسان پنهنجي حصي جو پاڪستان پاڻ سان گڏ کڻي آيا هئاسين. انهن وڌيڪ چيو ته اسان ڪنهن جي به هڪ انچ زمين تي قبضو نه ڪيو آهي اسان کي جيتري زمين پاڪستان ۾ ملي آهي ان کان ڏهوڻ تي اسان هنڌستان ۾ ڇڏي  آيا هئاسين. انهن چيو ته 70 جي ڏهاڪي کان پهرين پاڪستان جا بينڪ، انشورنس ڪمپنيون، انڊسٽريون، ايجوڪيشنل انسٽيٽيوٽ اهي سڀ مهاجرن جا هئا. قومي ايئر لائين پي آئي اي به رياست پاڪستان جو تحفو آهي هڪ مهاجر ابو الحسن اصفهاني هو جنهن پنهنجي پرائيويٽ ايئر لائين جا جهاز پاڪستان کي تحفي ۾ ڏيئي ڇڏيا هئا.  ان موقعي تي قمر منصور خطاب ڪندي چيو ته پهرين ئي ڏينهن کان مهاجرن کي تسليم نه ڪيو ويو آهي جهڙي طرح اوهان بنگالين جي ووٽرن جي توهين ڪئي ۽ تسليم نه ڪيو اهڙي طرح ئي مهاجرن جي ووٽن جو به استحصال ڪيو پيو وڃي. انهن وزير اعظم کان مطالبو ڪيو ته اهي خواجه آصف کي چون ته اهي معافي وٺن ڇو ته جنهن به نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي سنت مبارڪ جي توهين ڪئي اهو ماضي ۾ به ذليل ٿيو ۽ آئنده به ذليل ٿيندو. انهن وڌيڪ چيو ته خواجه آصف لساني سياست اسان نه ڪري رهيا آهيون بلڪه سڀني کان پهرين اوهان جي ليڊر اهو نعرو هنيو هو ته جاڳ پنجابي جاڳ تنهنجي پڳ کي لڳي ويو داغ. 

7/17/2024 11:53:07 AM