ايم ڪيو ايم جي سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم جي والد سينيئر قانون دان محمد نسيم ايڊووڪيٽ مرحوم جو ٽيجهو ڪراچي ۾ ٿيو.
ڪراچي؛ 17 جون 2015
ايم ڪيو ايم جي سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم جي والدسينيئر قانون دان محمد نسيم ايڊووڪيٽ مرحوم جو ٽيجهو ڊفينس ڪراچي جي مسجد مصطفٰي ۾ ٿيو. ٽيجهي ۾ سياسي رهنمائن، چونڊيل نمائندن، حاضر ۽ رٽائر ججن، سينيئر وڪيلن، بيوروڪريٽس، صنعتڪارن، واپارين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سا تعلق رکڻ وارين شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. شرڪاء ۾ سنڌ هائي ڪورٽ جو چيف جسٽس فيصل عرب، سنڌ هائي ڪورٽ جو سينيئر جج سجاد علي شاھ، سپريم ڪورٽ جو رٽائر جج ناصر اسلم زاهد، رٽائر جسٽس اجمل ميان ۽ ٻين کان علاوه ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ڊاڪٽر فاروق ستار، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، قمر منصور، عارف خان، عظيم فاروقي، گلفراز خان خٽڪ ۽ رئوف صديقي شامل هئا.ان موقعي تي مرحوم جي ايصال و ثواب جي لاءِ فاتحه خواني به ڪئي وئي . ان کان علاوه سينيئر ججن، وڪيلن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن بيرسٽر فروغ نسيم سان انهن جي رهائشگاھ تي تعزيت به ڪئي.