Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين مسل مينيا جي مقابلي ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ عبدالمالڪ جي لاءِ مٺائي جا ٻه ٽوڪرا، گلدستو ۽ 25 هزار روپين جي روڪ رقم انعام ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين مسل مينيا جي مقابلي ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ عبدالمالڪ جي لاءِ مٺائي جا ٻه ٽوڪرا، گلدستو ۽ 25 هزار روپين جي روڪ رقم انعام ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
 Posted on: 6/24/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين مسل مينيا جي مقابلي ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ عبدالمالڪ جي لاءِ مٺائي جا ٻه ٽوڪرا، گلدستو ۽ 25 هزار روپين جي روڪ رقم انعام ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
لنڊن؛ 24 جون 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڪراچي جي نوجوان عبدالمالڪ آمريڪا ۾ مسل مينيا جي مقابلي ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي ۽ مخير حضرات کي انهن جهڙن همت وارن نوجوانن جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين عبدالمالڪ کي ۽ انهن جي گهر وارن کي زبردست مبارڪباد پيش ڪئي آهي ۽ انهن کي شاندار ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي عبدالمالڪ کي مٺائي جا ٻه ٽوڪرا، گلدستو ۽ 25 هزار روپين جي روڪ رقم انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته عبدالمالڪ هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکي ٿو ۽ عورتن جا پرس وڪڻي ڪري پنهنجي گهر وارن جي ڪفالت ڪري ٿو. جناب الطاف حسين سمورن مخير حضرات کي اپيل ڪئي ته اهي عبدالمالڪ جهڙن باهمت نوجوانن جي ڀرپور مالي مدد ڪن ته جيئن اهي پاڪستان جو نالو وڌيڪ روشن ڪرڻ جي لاءِ پنهنجين صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪري سگهن. جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي، مقامي سيڪٽر جي ڪارڪنن ۽ همدرد امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي عبدالمالڪ جو شاندار استقبال ڪري انهن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪن ۽ انهن جي حوصله افزائي به ڪن. 

7/17/2024 11:03:25 AM