Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڻي جي وڌندڙ بحران کي سامهون رکندي ڪالا باغ ڊيم تي سنڌ جي عوام جا تحفظات دور ڪري اهو منصوبو مڪمل ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


پاڻي جي وڌندڙ بحران کي سامهون رکندي ڪالا باغ ڊيم تي سنڌ جي عوام جا تحفظات دور ڪري اهو منصوبو مڪمل ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 6/24/2015
پاڻي جي وڌندڙ بحران کي سامهون رکندي ڪالا باغ ڊيم تي سنڌ جي عوام جا تحفظات دور ڪري اهو منصوبو مڪمل ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڪالاباغ ڊيم تي تحفظات دور ڪرڻ جي لاءِ چئني صوبن جي ماهرن جو اجلاس گهرايو وڃي.
پاڻي گڏ ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ننڍا ننڍا ڊيم تعمير ڪيا وڃن.
ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن جي اجلاس ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو خطاب.
لنڊن؛ 24 جون 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي جي وڌندڙ بحران کي سامهون رکندي ڪالاباغ ڊيم جي تعمير تي سنڌ جي عوام جا تحفظات دور ڪرڻ جي لاءِ چئني صوبن جي ماهرن جو اجلاس گهرايو وڃي ۽ انهن جي سفارشن جي مطابق اهو منصوبو مڪمل ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن سنڌ جي عوام جا تحفظات دور نه ڪري سگهجن ته پاڻي گڏ ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ننڍا ننڍا ڊيم تعمير ڪيا وڃن ته جيئن برساتن جو پاڻي ضايع نه ٿئي. انهن خيالن جو اظهار انهن انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ  لنڊن ۾ هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جو سينيئر ميمبر نديم نصرت ، رابطا ڪميٽي پاڪستان جا ميمبر فاروق ستار، رابطا ڪميٽي جا ٻيا ميمبر، سابق وفاقي وزير بابر غوري، سينيٽر محمد علي سيف، سنڌ اسيمبلي ميمبر عادل صديقي ۽ ٻيا ذميوار به موجود هئا. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان ۾ بجلي جي بحران، گيس جي ڪمي ۽ پاڻي جي عدم دستيابي قيامت برپا ڪري ڇڏي آهي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صرف ڪراچي ۾ لڪ لڳڻ جي ڪري 1000 کان وڌيڪ ماڻهو هلاڪ ٿي چڪا آهن. انهن فرمايو ته قيمتي انساني جانين جي زيان تي وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون هڪ ٻئي تي الزام هڻي رهيون آهن ۽ هڪ ٻئي کي ڏوهاري قرار ڏيئي رهيون آهن. جيڪا افسوسناڪ ڳالھ آهي. انهن فرمايو ته ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته ان بحث ۾ نه وڇڙيو وڃي ته گرمي جي ڪري شهرين جي هلاڪت ڪنهن جي غفلت جي ڪري ٿيون آهن پر ميڊيا رپورٽن جي مطابق وفاقي وزير دفاع پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته حڪومت ڪجھ علائقن ۾ بجلي جي ترسيل ان جي ڪري بند ڪئي آهي جو انهن علائقن جا عوام پاڻي ۽ بجلي جا بل ادا نه ٿا ڪن. انهن وڌيڪ فرمايو ته خواجه آصف بجلي جي ترسيل بند ڪري هڪ وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي پر اهي عوام کي جواب ڏين ته انهن علائقن ۾ جيڪي ماڻهو بجلي ۽ پاڻي جا بل باقائدگي سان ادا ڪري رهيا آهن انهن کي ڪهڙي ڏوھ جي سزا ڏني پئي وڃي؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته 2005 ۾ پاڪستان جي تاريخ جو هڪ قيامت خيز زلزلو آيو هو ان وقت ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي قيام جي ضرورت پيش آئي جيڪا اڄ ڪٿي به نظر نه ٿي اچي. زلزلي جي موقعي تي هيلي ڪاپٽرن جي ڪمي جو مسئلو سامهون آيو ۽ اڄ هيٽ اسٽروڪ جي موقعي تي متاثرن کي اسپتالن پهچائڻ جي لاءِ ايمبولينسن جي ڪمي ۽ ميتون رکڻ جي لاءِ سرد خانن جي ڪمي جو مسئلو سامهون آيو آهي جنهن کي حل ڪرڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي.انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي تحت قائم ڪيل ڪيمپن ۾ گرمي کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي سار سنڀال ۽ علاج معالجي جي لاءِ ماهر ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل جو اسٽاف موجود آهي. جيڪو عوام جي خدمت جي لاءِ پيش پيش آهي. انهن ڪيمپن ۾ متاثرن کي پاڻي ۽ او آر ايس به فراهم ڪيو پيو وڃي. اهڙي طرح ٻين فلاحي ادارن کي به گهرجي ته هر هنڌ هيٽ اسٽروڪ کان بچاءُ جي لاءِ سينٽر قائم ڪن. انهن مخير حضرات کي اپيل ڪئي ته اهي اڳتي اچن ۽ هيٽ اسٽروڪ کان بچاءُ جي لاءِ سينٽرن ۾ پاڻي جون بوتلون، او آر ايس، ضروري دوائون ۽ سردخانن جي تعمير جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي پنهنجين ترجيحات جو تعين ڪرڻ گهرجي. هن وقت روڊن ، هائي ويز ۽ ريلوي لائينن جي تعمير ضروري آهي  يا گرمي جي شدت سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي پاڻي ۽ بجلي جون سهولتون فراهم ڪرڻ وڌيڪ ضروري آهي پر افسوس جو حڪومت پاڻي ۽ بجلي جي سهولتن جي فراهمي تي ڪائي به توجه نه ڏني. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو فرض آهي ته اهي عوام کي پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي جي لاءِ نوان نوان منصوبا بڻائين. ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جي حوالي سان سنڌ جي عوام ۾ تحفظات پاتا وڃن ٿا، وفاقي حڪومت جو فرض آهي ته اها انهن تحفظات کي دور ڪرڻ جي لاءِ چئني صوبن جي ماهرن کي گهرائي ۽ انهن جي سفارشن جي مطابق اهو منصوبو تڪميل تائين پهچائي ۽ جيڪڏهن سنڌ جي عوام جا تحفظات دور نه ٿي سگهن ته وڏن وڏن ڊيمن جي تعمير جي انتظار ۾ عوام کي موت جي منھ ۾ نه ڌڪيو وڃي بلڪه پاڻي گڏ ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ننڍا ننڍا ڊيم تعمير ڪيا وڃن. جناب الطاف حسين فرمايو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون غير ترقياتي خرچن ۾ ڪمي ڪن، ٻاهرين ملڪن جا غير ضروري دورا، نيرنون، لنچون ۽ عشائيه فوري طور تي بند ڪن ۽ جيڪڏهن گهڻو ضروري هجي ته ون ڊش دعوت ڪري ڪفايت شعاري ڪئي وڃي ته جيئن دعوتن تي خرچ ٿيڻ واري رقم عوام جي ڀلائي جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي. آخر ۾ جناب الطاف حسين ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ هيٽ اسٽروڪ کان هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن، ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ارشد حسين ۽ انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ جي سينيئر ميمبر افتخار حسين جي سوٽ، ايم ڪيو ايم سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي انچارج وسيم اختر جي ڀيڻويي ۽ انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ جي سينيئر ميمبر فيض احمد جي والد جي ايصال و ثواب جي لاءِ فاتحه خواني به ڪرائي. 

7/17/2024 11:14:16 AM