Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

8 آڪٽوبر 2005 تي ايندڙ قيامت خيز زلزلو قومي تاريخ جو هڪ اهڙو دردناڪ سانحو آهي جنهن کي فراموش نه ٿو ڪري سگهجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 10/7/2014
8 آڪٽوبر 2005 تي ايندڙ قيامت خيز زلزلو قومي تاريخ جو هڪ اهڙو دردناڪ سانحو آهي جنهن کي فراموش نه ٿو ڪري سگهجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 7 آڪٽوبر2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين 8 آڪٽوبر 2005 تي آزاد ڪشمير خيبرپختونخواھ ۽ اسلام آباد ۾ ايندڙ قيامت خيز زلزلي  جي سانحي جي نائين ورسي جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ تمام شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته 8 آڪٽوبر قومي تاريخ جي لاءِ هڪ دردناڪ ڏينهن جي حيثيت رکي ٿو.جنهن جي قيامت خيز زلزلي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو هلاڪ ٿي ويا هئا ۽ شهرن جو نانءُ نشان ئي ميٽجي ويو.هزارين خاندان ختم ٿي ويا ۽ هزارين ماڻهو معزور ٿي ويا.اهو قومي تاريخ جو هڪ اهڙو دردناڪ سانحو آهي جنهن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿو سگهجي.جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي ان سانحي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي، انهن جي پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ تمام انسانن کي زميني ۽ آسماني آفتن کان محفوظ رکي.آمين.

7/18/2024 1:24:24 AM