Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ جي يو آئي ف جي رهنما مولانا ساجد الله ۽ مولانا مسعود جي ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا قابل مذمت آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 10/7/2014
ڪراچي ۾ جي يو آئي ف جي رهنما مولانا ساجد الله ۽ مولانا مسعود جي ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا قابل مذمت آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛7 آڪٽوبر2014
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ جي يو آئي ف جي رهنما مولانا ساجد الله ۽ مولانا مسعود جي ٽارگيٽ جي واقعن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ انهن واقعن کي شهر ۾ فرقي وارانه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ جي هڪ وڏي سازش جو حصو قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪجھ امن دشمن ماڻهو هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت شهر ۾ فرقي واراڻه قتل جا واقعا ڪري رهيا آهن ته جيئن عوام کي فقه ۽ مسلڪ جي بنياد تي پاڻ ۾ ويڙهايو وڃي. انهن فرمايو ته عوام فقه ۽ مسلڪ جي بنياد تي پاڻ ۾ وڙهڻ نه ٿا چاهين بلڪه اهي پاڻ ۾ گڏجي ڪري رهڻ چاهين ٿا، عوام“ لڪم دينڪم ولي الدين تي” يقين رکن ٿا، جناب الطاف حسين مولانا ساجد الله ۽ مولانا مسعود جي سوگوار پونئرن ۽ انهن جي جماعتن جي قائدين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي انهن جي مغفرت فرمائي ۽ انهن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.آمين.

7/18/2024 1:29:32 AM