Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شاھ لطيف جي قسم کائي ڪري چوان ٿو ته مان سنڌي ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏيندس ۽ مان سنڌ جي حفاظت ڪندس. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 10/8/2014
شاھ لطيف جي قسم کائي ڪري چوان ٿو ته مان سنڌي ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏيندس ۽ مان سنڌ جي حفاظت ڪندس. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
مان سنڌين سميت هڪ هڪ مظلوم کي جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ظلم کان نجات ڏياريندس.
ميرپورخاص ۽ سانگهڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي  خطاب.
لنڊن؛8 آڪٽوبر2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته شاھ لطيف جي قسم کائي ڪري چوان ٿو ته مان سنڌي ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏيندس، سنڌ جي حفاظت ڪندس ۽ سنڌين سميت هڪ هڪ مظلوم کي جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ظلم کان نجات ڏياريندس. انهن اها ڳالھ اربع جي رات سانگهڙ ۽ ميرپور خاص ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سان فون تي خطاب ڪندي فرمائي. ان موقعي تي مختلف قومن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو ۽ عورتون به موجود هيون. انهن فرمايو ته سنڌ جي معصوم ۽ سادڙن ماڻهن کي ڪيترن ئي سالن کان سنڌ ڪارڊ جي نالي تي بيوقوف بڻايو ويو آهي پر سنڌي عوام هاڻي باشعور ٿي چڪا آهن ۽ اهي پاڻ چڱي نموني ڄاڻي چڪا آهن ته ڪير سنڌ جي شهيدن جي رت کي وڪڻندو رهيو آهي ۽ پنهنجي فائدي جي خاطر سنڌ جي حقن جو سودو ڪندو رهيو آهي. سنڌ جا غريب ماڻهو ڏسي رهيا آهن ته هتي وڏيرن سنڌ جي ترقي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي تعليم، صحت،روزگار ۽زندگي جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ذري برابر به ڪم نه ڪيو. باشعور سنڌي ماڻهو هاڻي جعلي ٺڳن جي ڳالهين ۾ نه ايندا ۽  سنڌ جو هڪ هڪ سچو پٽ ۽ انقلابي انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿيندو. اهڙي طرح اهي پنجابي ، پختون، بلوچ، سرائيڪي، ڪشميري ۽ ٻين قومن جا ماڻهو به جيڪي سالن کان پنهنجن ٻارن سميت سنڌ ۾ آباد آهن ۽ جن جو جيئڻ مرڻ سنڌ سان وابسته آهي اهي به ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان متحد آهن. انشاء الله تعالٰي اسان سڀ گڏجي ڪري پاڪستان کان فرسوده ۽ جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ڪنداسين ۽ ملڪ کان چورن جو خاتمو ڪنداسين. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪجھ ايم ڪيو ايم دشمن ماڻهو اهو پروفيگنڊو ڪري رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم ۾ گروپ بڻجي رهيا آهن پر ڪراچي کان ڪشمور تائين ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن پنهنجي اتحاد سان ثابت ڪري ڇڏيو ته اهي تمام پروفيگنڊا غلط ۽ بي بنياد آهن. انهن ميرپور خاص زون ۽ سانگهڙ زون جي ڪارڪنن کي انهن جي ثابت قدمي ۽ وفاداري تي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو ۽ فرمايو ته مون کي ڪامل يقين آهي ته منهنجا وفادار ساٿي ڪنهن به سازش جو شڪار نه ٿيندا هر ڏکئي وقت ۾ تحريڪ سان گڏ هوندا.انهن عيد جي موقعي تي ماضي جي مقابلي ۾ وڌيڪ کلون جمع ڪرڻ تي ميرپورخاص ۽ سانگهڙ زون جي تمام ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي زبردست شاباش ۽ خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي ميرپورخاص ۽ سانگهڙ زون جي ڪارڪنن به جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ انهن کي يقين ڏياريو ته ڪوئي به پروفيگنڊو اسان کي اوهان کان دور نه ٿو ڪري سگهي.

7/18/2024 1:14:27 AM