جناب الطاف حسين جي طرفان نائن زيرو تي سنت ابراهيمي جو فرض ادا ڪيو ويو .
رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عامر خان، محمد واسع جليل ۽ خالد سلطان جانورن کي ذبح ڪري فرض جي تڪميل ڪئي.
ڪراچي؛6 آڪٽوبر2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ڪراچي ۾ انهن جي رهائشگاه نائن زيرو تي سنت ابراهيمي جو فرض ادا ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عامر خان، محمد واسع جليل ۽ خالد سلطان جناب الطاف حسين جي طرفان الڳ الڳ جانورن کي ذبح ڪيو ۽ سنت ابراهيمي جي فرض جي تڪميل ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جا ميمبر،اسيمبلين جا ميمبر ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن جي به وڏي تعداد موجود هئي.