Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جنهن غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي قومي ،صوبائي ۽ سينيٽ جي ايوانن ۾ جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ڀر ۾ ويهاريو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 10/8/2014
ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جنهن غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي قومي ،صوبائي ۽ سينيٽ جي ايوانن ۾ جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ڀر ۾ ويهاريو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ساٿي نظم و ضبط ۽ ايمانداري سان ڪم ڪندا رهيا ته اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن پاڪستان جي چپي چپي ۾ حق پرستي جو نعرو گونجندو.
اسٽيبلشمينٽ جي ڪوشش آهي ته پاڪستان ۾ غريبن مان جنم وٺڻ واري سياسي شعور جي لهر ۽ آواز کي ختم ڪرايو وڃي ۽ ان آواز کي ڌٻايو وڃي. جناب الطاف حسين.
لنڊن؛8 آڪٽوبر2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جو گراف تمام گهڻو وڌي ويو آهي ۽ ڪراچي کان خيبرپختونخواھ تائين ۽ آزاد ڪشمير سميت گلگت بلتستان ۾ ان جي مقبوليت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. انهن فرمايو ته جيڪي ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾ گروپ بندين ۽ ان کي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن انهن کي اندازو هجڻ گهرجي ته ڪراچي ئي نه بلڪه سڄي ملڪ جا عوام ايم ڪيو ايم تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ کان وڏي تعداد ۾ قرباني جونکلون مليون آهن. انهن فرمايو ته حقيقت ۽ سچ کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ڪري ڇڏيو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن عيد الاضحٰي جي ٽئين ڏينهن طارق گرائونڊ فيڊرل بي ايريا ۾ قائم ڪيل ڪي ڪي ايف جي مرڪزي ڪيمپ تي معززن ۽ ڪارڪنن جي اعزاز ۾ ڏنل عشائيي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ڀيري الله تعالٰي جو وڏو احسان آهي ته ڪي ڪي ايف ماضي جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. انهن آيت مبارڪ پڙهندي ان جو ترجمو بيان ڪيو ته بيشڪ حق اچڻ جي لاءِ آهي ۽ باطل مٽجڻ جي لاءِ آهي . انهن فرمايو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان ٽي وي چينلن پنهنجي ٽاڪ شوز ۾ هڪ تماشو لڳايو آهي ته ايم ڪيو ايم گروپ بندين جو شڪار ٿي رهي آهي. ايم ڪيو ايم ڪمزرو ٿي رهي آهي.ڪيترائي گروپ ايم ڪيو ايم جي اندر پيدا ٿي چڪا آهن ۽ دنيا جي مختلف علائقن ۾ منحرف ميمبرن جا اجلاس ٿي رهيا آهن وغيره وغيره. انهن فرمايو ته مون سان به گهڻن ماڻهن تذڪرو ڪيو ته مان جواب ۾ اهو ئي چيو ته خواهشن، خيالن ۽ خواب ڏسڻ تي نه ته ڪا پابندي هوندي آهي نه ئي ان تي ڪو پيسو لڳندو آهي، انهن فرمايو ته ڪجھ ماڻهن جي اها سالن کان خواهش رهي آهي ته ايم ڪيو ايم ختم يا ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي وڃي. ايم ڪيو ايم جي 36 ساله تاريخ ۾ ڪيترا ئي ڀيرا طاقتور ادارن، اسٽيلشمينٽ ۽ مختلف سياسي و مذهبي جماعتن ۽ مخالفن طرح طرح جا هٿڪنڊا استعمال ڪيا ته ڪنهن طريقي سان پاڪستان ۾ غريبن مان اٿندڙ سياسي شعور جي لهر ۽ آواز کي ختم ڪرايو وڃي .انهن فرمايو ته جيڪي دعوائون ڪيترن ئي ڏينهن کان ٽي وي ٽاڪ شوز ۽ مضمونن ۾ ڪيون پيون وڃن ۽  جيڪي سياسي ريفري ويٺا آهن اهي جنهن کي چاهين ريڊ ڪارڊ ڏيکاري ڇڏين ۽ جنهن کي چاهين ييلو ڪارڊ ڏيکاري ڇڏين. انهن فرمايو ته اهي پاڻ ئي پنهنجو تجزيو پيش ڪن ٿا ۽ پنهنجو فيصلو به ٻڌائي ڇڏين ٿا. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان انهن تجزيي نگارن کان صرف اهو سوال ڪرڻ چاهيندس ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ختم ٿي وئي ، ڪمزور ٿي وئي يا مخلتف گروپن ۾ ورهائجي وئي آهي ته اڄ 36 ساله قرباني جي کلن  جو پنهنجو ئي ريڪارڊ ٽوڙڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿي وئي آهي؟ انهن فرمايو ته ڪالھ منهنجي حيدرآباد زون ۾ ڳالھ ٿي رهي هئي ته حيدرآباد زون ۾ حيرت به ٿي ، خوشي به ٿي ته حيدرآباد جي مرڪزي اسٽال تي هڪ کان پوءِ ٻيو ، ٻئين کان پوءِ ٽيون، ٽئين کان پوءِ چوٿون ۽ آفتاب شيخ سميت سڀ موجود هئا.انهن فرمايو ته پاڪستان جي پوليٽيڪل فلاسفي ۽ پوليٽيڪل ڪلچر ۾ اڄ تائين قائد اعظم محمد علي جناح جي وفات  کان پوءِ ڪنهن قائد اعظم جي روشن خيالي ۽ انهن جي نظم و ضبط جي تلقين کي اپنايو.انهن فرمايو ته الله تعالٰي قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي ته “لڪم دينڪم ولي دينڪم” توهان جو دين توهان وٽ ۽ منهنجو دين مون وٽ. هر ڪنهن کي پنهنجي مذهب ۽ عقيدي جي تحت پنهنجي عبادتگاهن ۾ وڃي ڪري عبادت ڪرڻ جو حق حاصل آهي ،انهن فرمايو ته ٻئي جي عقيدي کي ڇيڙيو نه ۽ پنهنجي عقيدي کي ڇڏيو نه ۽ اسان سڀ گڏجي ڪري  پاڪستان جي استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ  ڪم ڪريون ۽ پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ هڪ مثالي ملڪ بڻايون. انهن فرمايو ته عصبيت ۽ تعصب ان پاڪستان کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، باقي بچيل پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪوئي اهو دعوٰي ڪري ٿو ته سڀ ٺيڪ آهي ۽ سڀ پاڪستان کي  دل سان چاهين ٿا ته اهو ڪوڙ ڳالهائي ٿو ۽ قوم کي گمراھ ڪري ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته سرڪار دوعالم صلي الله عليه وسلم يعني تبليغ ڪرڻ کان پهرين اهي پنهنجي عمل و ڪردار جو جائزو وٺندا هئا ته جنهن جي اهي صلي الله عليه وسلم تبليغ ڪرڻ وڃن پيا ته ڇا ان تي اهي پاڻ به عمل ڪن ٿا يا نه. انهن فرمايو ته ڪوڙ نه ڳالهائڻ گهرجي ، بي ايماني نه ڪرڻ گهرجي، چوري نه ڪرڻ گهرجي،رشوت نه وٺڻ گهرجي، گهٽ کائڻ گهرجي، لالچ نه ڪرڻ گهرجي، پيسي جي ڊوڙ ۾ سون ۽ چاندي جي سڪن کي اهڙي طرح نه ڦيلائڻ گهرجي جو اهي اوهان جي لاءِ رحمت بڻجڻ جي بجاءِ قيامت جي ڏينهن باھ جا گولا بڻجي  وڃن ۽ انهن سان اوهان جي جسمن کي ڏنڀيو وڃي. انهن فرمايو ته اڄ جي ان محفل ۾ جيترا به ماڻهو آهن اهي الله سائين کي مڃن ٿا. مان اوهان کي الله سائين جو قسم ڏيان ٿو ته پنهنجي ضمير جي مطابق اوهان منهنجي سوالن جا جواب ڏيو ته پاڪستان ۾ 98 سيڪڙو غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني، 2 سيڪڙو مراعات يافته ۽ جاگيرداراڻه نظام کان آزادي جو عملي طور تي نعرو لڳايو ئي نه بلڪه ان تي عمل به ڪري ڏيکاريو ته توهان پنهنجي رب جو قسم کڻي ڪري ٻڌايو ته ڪهڙي جماعت ۽ ڪهڙي ليڊر ان فلسفي کي ڏنو آهي؟ جنهن تي پنڊال ۾ موجود تمام شرڪاء هڪ آواز ٿي ڪري چيو ته صرف الطافحسين ۽ ايم ڪيو ايم .انهن فرمايو ته بدقمستي سان ڪنهن به فيلڊ جو ماڻهو ڪيتريون ئي سٺيون ڳالهيون ڪري پر اهو ترجماني انهي مائينڊ سيٽ جي ڪري ٿو ۽ فيوڊل مائينڊ سيٽ فيوڊل مينٽليٽي جي ئي ڪري ٿو ۽ ڪوئي اهو نه ٿو چوي ته پاڪستان ۾ هڪ ماڻهو کڏ کوٽي،ڀاڻ وڌو ٻڄ وڌو ۽ پاڻي ڏنو پوءِ سار سنڀال ڪئي ۽ ٻوٽي کي وڻ بڻايو ۽ جڏهن ڦر اچي ته ان جو ڦر ان پاڻ نه کاڌو بلڪه سڀني کي ورهائي ڏنو ۽ ورهائي رهيو آهي، يعني ڪوئي اهو نه ٿو چوي ته الطاف حسين ۾ 99 خرابيون پر هڪ سٺي ڳالھ آهي ته ڪروڙين ان جا چاهڻ وارا آهن پر نه ته اهو ڪائونسلر بڻيو، نه ايم پي اي بڻيو، نه پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀائرن کي بڻايو. ڇو نه ٿا چون ؟ مان هميشه کان چوان پيو ته مان هر مظلوم جي آواز آهيان، مان هر ڏکايل جو سهارو آهيان.انهن فرمايو ته هڪ سازش جي تحت پٺاڻ مهاجر، سنڌي مهاجر، پنجابي مهاجر جهيڙا ڪرايا ويا جنهن وقت انهن جهيڙن جي ابتدا ٿي ته ان وقت نه ايم ڪيو ايم موجود هئي ۽ نه الطاف حسين سياست ۾ هو. 1964 ۾ ايوب خان پٺاڻڻ جو جلوس ڪڍرايو ،ممتاز ڀٽو مهاجرن جا سر قلم ڪري رهيو هو، ڇا ان وقت الطاف حسين ميدان ۾ هو؟ مان چئي چڪو آهيان ته  جيڪي ماڻهو ميڊيا ۾ ڳالھ ڪن ٿا ته اهي اهو بيان نه ٿا ڪن ۽ چون ٿا ته ملڪ هڪ آهي ماڊل ٽائون ۾ طاهر القادري جي چاهڻ وارا شهيد ٿيا ته انهن جو ذڪر ڪن ٿا يا نه ٿا ڪن؟ پر هڪ پارٽي جو نالو ٻڌايو ته جيڪي 14 ڊسمبر 1986 تي جڏهن جبلن تان لهي ڪري گجرن ۽ مورين وانگر انسانن کي ڪٽو ويو، ٻارڙين سان ريپ ڪيو ويو ۽ 300 گهرن کي باھ لڳائي وئي پر ان جو ذڪر ڪوئي پاڪستان جو ليڊر ڪري ٿو؟ 30 سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ 10 گاڏيون شهر ۾ داخل ٿين ٿيون ۽ اڌ ڪلاڪ تائين شهرين تي گوليون هلايون وڃن ٿيون ۽ 200 شهري شهيد ڪيا وڃن ٿا. اهي واقعا اوهان ڪنهن جي واتان ٻڌا. 1973 ۾ ذوالفقار علي ڀٽي 10 سالن جي لاءِ ڪوٽا سسٽم صرف سنڌ ۾ ڇو نافذ ڪيو. انهن فرمايو ته جيڪا قوم مرڻ کان ڊڄڻ لڳي ٿي ته اها مري وڃي ٿي ۽ جيڪا قوم مرڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي ۽ موت کان نه ٿي ڊڄي ته موت به ان کان پري ڀڄي وڃي ٿي، مان هر غريب سان محبت ڪريان ٿو، مان ڪنهن سان به نفرت نه ٿو ڪريان نه ڪنهن سان تعصب ڪريان ٿو. مهاجرن کي ايوب خان سمنڊ ۾ نه اڇلائي سگهيو ته پوءِ اهڙي طرح  مارائي ڇڏجي . اهي جيڪي ريڪارڊ ٽوڙي رهيا آهن انهن ۾ صرف اردو ڳالهائڻ وارن قرباني جون کلون نه ڏنيون بلڪه سنڌين، پختونن، بلوچن، پنجابين ، سرائيڪين ۽ هزاري وال سميت هر قوم جي ماڻهن قرباني جون کلون ڏنيون آهن ۽ اوهان کي اهو ٻڌي ڪري تعجب ٿيندو ته اهي ته پوءِ به پٺاڻ، بلوچ ۽ سنڌي آهن پر دين جي لحاظ سان مسلمان ته آهن پر جيڪي مسلمان نه آهن اوهان انهن جا دل ڪڍي ڪري ڏسو ته اهي به الطاف حسين جا چاهڻ وارا آهن. جناب الطاف حسين 8 آڪٽوبر جي زلزلي جو ذڪر ڪندي فرمايو ته 9 سال اڳ 2005 ۾ خيبرپختونخواھ ۽ ڪشمير ۾ پاڪستان جي تاريخ جو خطرناڪ زلزلو آيو هو، الله ۽ ان جي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم کي شاهد بڻائي ڪري هڪ هڪ پاڪستاني ٻڌائي ته اتي سڀني کان وڏي عرصي تائين ميڊيڪل ڪيمپ ۽ زلزلي متاثرن جي مدد جي لاءِ ايم ڪيو ايم جا ته هزارين ڪارڪنَ موجود رهيا پر ان کان علاوه اتي ڪهڙي جماعت جا ڪارڪنَ هئا؟ پر ڪنهن به ايم ڪيو ايم کي ان جو ميڊل نه ڏنو، بلڪه ڪنهن اهو به نه چيو ته ايم ڪيو ايم امداد جي لاءِ سڀني کان وڌي ڪري ڪم ڪيو. انهن فرمايو ته سيلاب زدگان جي امداد هجي يا آئي ڊي پيز جي امداد جو مسئلو هجي اڄ به سيلاب متاثرَ ۽ آئي ڊي پيز جي امداد جي لاءِ هر ٻئي ٽئين ڏينهن ڪي ڪي ايف جا امدادي ٽرڪ انهن علائقن ۾ پهچي رهيا آهن ان تي ڪوئي به ٻه لفظ تعريف جا ڳالهائڻ جي لاءِ تيار نه آهي. انهن فرمايو ته هن ملڪ ۾ جيستائين احتساب نه ٿو ٿئي ان وقت تائين نه ته سڀني کي برابري جا حق ملي سگهن ٿا ۽ نه ئي انصاف ٿي سگهي ٿو. جناب الطاف حسين بزنس ڪميونٽي کي مخاطب ڪندي فرمايو ته جيڪڏهن ملڪ کي بچائڻو آهي، سلامت رکڻو آهي ۽ ترقي يافته بڻائڻو آهي ته ملڪ ۾ نوان انتظامي يونٽ ۽ نوان صوبا ٺاهڻ لازمي آهي.جناب الطاف حسين رات ڏينهن محنت ڪرڻ وارن ساٿين کي مخاطب ڪندي فرمايو ته هڪ هڪ ڪارڪن کي دل جي گهرائي سان کوڙ ساريون دعائن سان گڏ زبردست خراج تحسين به پيش ڪريان ٿو. انهن وزير اعظم نريندر مودي صاحب کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان خصوصي توجه ڏيو ته سيالڪوٽ ، چانگي ۽ ٻئي بارڊر تي ڀارتي فوج مستقل سرحدن جي خلاف ورزي ڪري رهي آهي ۽ هن مهل تائين 10 کان وڌيڪ معصوم شهري شهيد ٿي چڪا آهن. جنهن ۾ عورتون به شامل آهن ۽ 50 کان وڌيڪ شهري سڪرات جي عالم ۾ آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڇا اوهان جنگ چاهيو ٿا؟مان ته اهو ئي چوندس ته جيڪڏهن اختلاف آهن ته انهن کي ويهي ڪري حل ڪري وٺو جنگ سٺي شي نه آهي، اسان نه ٿا چاهيون ته پاڪستان جي ڀارت يا ٻئي ڪنهن ملڪ سان جنگ ٿئي، اسان جنگ نه ٿا چاهيون پر ان ڳالھ کي پاڪستانين جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.

7/18/2024 1:32:03 AM