Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بلاول زرداري جو بيان پيپلزپارٽي جي جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف تعصب واري پاليسي جو حصو آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر حيدرعباس رضوي.


 Posted on: 10/6/2014
بلاول زرداري جو بيان پيپلزپارٽي جي جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف تعصب واري پاليسي جو حصو آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر حيدرعباس رضوي.
بلاول زرداري جي بيان کي جانچڻ کان پوءِ ڪراچي ۽ برطانيه ۾ قانوني، سياسي ۽ آئيني طريقن سان قانوني ڪاروائي ۽ ملڪ گير احتجاج به ڪيا ويندا.
پيپلز امن ڪميٽي جي غنڊن جي برطانيه ۾ موجودگي جي وقت بلاول زرداري جو بيان ڪارڪنن جي لاءِ ڳڻتي واري ڳالھ آهي.
رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان گڏجي حيدرعباس رضوي جي فيڊرل بي ايريا جي طارق گرائونڊ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 6 آڪٽوبر؛2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدرعباس رضوي چيو آهي ته جناب الطاف حسين جي 35 ساله سياسي جدوجهد ۾ ڪيترائي ڀيرا مختلف سياسي جماعتن جي قائدين ۽ ٻين قوتن جناب الطاف حسين جو جيئڻ حرام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ملڪ جي سياسي تاريخ شاهد آهي ته خدا جي قدرت سان اهڙن ماڻهن جو پاڻ ئي جيئڻ حرام ٿي ويو آهي. انهن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪرندڙ سياسي ساک کي بچائڻ جي لاءِ 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ جلسو ڪرڻ پئي وڃي ، اهڙي وقت ۾ پي پي پي جي چيئرمين بلاول جو بيان معنٰي خيز ۽ جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن جي لاءِ ڳڻتي وارو آهي. ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي مذڪوره زهر ڀريل بيان جو سنجيدگي سان جائزو ورتو آهي ۽ اسان عيدالاضحٰي کان پوءِ ان سلسلي ۾ پنهنجي واضع رد عمل جو اعلان ڪنداسين.انهن خيالن جو اظهار انهن سومر جي ڏينهن فيڊرل بي ايريا ۾ واقع طارق گرائونڊ ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جا ميمبر عامر خان، محمد واسع جليل، گلفراز خان خٽڪ ۽ سينيٽر بابر غوري به انهن سان گڏ هئا. حيدرعباس رضوي چيو ته اسان اڄ ميڊيا جي توسط سان تمام پاڪستانين کي عيد جي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، هڪ اهڙي وقت ۾ جو جڏهن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسلمانَ سنت ابراهيمي جو فرض ادا ڪندي قرباني ڪري رهيا آهن ۽ خاص ماحول بڻيل آهي اهڙي وقت ۾ بلاول زرداري جو بيان افسوسناڪ آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم ايم ڪيو ايم جا ڪارڪنَ ۽ جناب الطاف حسين جا ڪروڙين چاهڻ وارا بلاول زرداري جي طرفان جناب الطاف حسين جي متعلق زهر ڀريل متعصب بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا. انهن چيو ته بلاول زرداري تقرير جي دوران لکيل بيان کي پڙهي ڪري ٻڌايو جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته مذڪوره بيان جوش خطابت ۾ نه بلڪه پي پي پي جي جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف متعصب۽ ٻٺي پاليسي جو حصو آهي ۽ ان بيان سان بلاول ۽ پيپلز پارٽي جي دل ۾ جناب الطاف حسين جي خلاف بغض کلي ڪري سامهون اچي ويو آهي . انهن چيو ته پيپلزامن ڪميٽي جي سربراهن ۽ ڪارڪنن گذريل سالن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ مهاجر نوجوانن کي سڃاڻپ ڪري اغوا ڪرڻ کان پوءِ انهن کي ذبح ڪيو ويو ۽ انهن سان جنسي ڏاڍايون به ڪيون ويون، اڄ پيپلزامن ڪميٽي جا اهي تمام ماڻهو لنڊن ۾ موجود آهن ۽ اهڙي وقت ۾ جناب الطاف حسين جي خلاف بلاول زرداري جو بيان ڳڻتي واري ڳالھ آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ هنگامي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو آهي ته بلاول زرداري جي تعصب واري بيان کي مختلف رخن کان جانچڻ کان پوءِ ڪراچي ۽ برطانيه ۾ قانوني، سياسي ۽ آئيني طريقن سان قانوني ڪاروائي ۽ ملڪ گير احتجاج به ڪيو ويندو.انهن چيو ته اسان ان حوالي سان برطانوي حڪومت ۽ ميٽ پوليس سان جناب الطاف حسين جي تحفظ جي لاءِ رابطن ۾ آهيون. انهن گذريل پوين ڏينهن جو تذڪرو ڪندي چيو ته جڏهن کان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ ۾ نون انتظامي يونٽن ۽ وڌيڪ صوبن ٺاهڻ جو عوامي مطالبو ڪيو آهي ته ان وقت کان وٺي سڄي ملڪ خصوصن سنڌ ۾ جاگيردارن، وڏيرن ۽ ڪرپٽ سياستدانن ۾ هلچل مچي وئي آهي ۽ اهي جناب الطاف حسين جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهن پر اها ڳالھ سڀني کي سمجهي وٺڻ گهرجي ته نوان صوبا پاڪستان جو مقدر آهن ۽ ان ڳالھ کي طاقت ۽ ڌمڪي جي سان روڪي نه ٿو سگهجي.پي پي پي اڄ صرف ٻهراڙي سنڌ جي جماعت بڻجي ڪري رهجي وئي آهي ۽ ان قسم جي هٿڪنڊن سان شهرت حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جا اسيمبلي ميمبر عيد کان پوءِ سينيٽ، قومي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پي پي پي جي ذميوارن کان بلاول جي بيان جي وضاحت طلب ڪندا ته هي ذوالفقار مرزٰي جهڙي ڪنهن ايم ڪيو ايم دشمن پاليسي جي پيروي آهي يا پوءِ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪنهن نئين سازش جو حصو آهي.انهن چيو ته بلاول زرداري شايد ان ڳالھ کان لاعلم آهن ته جنهن وقت پنجاب ۾ آصف علي زرداري کي ڇڪڻ ۽ گهلڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته ان وقت ڪنهن جيالي جي همت نه هئي ته اهو انهن جماعتن کي جواب ڏيئي ها پر جناب الطاف حسين تمام اختلافن کي وساري سابق صدر آصف علي زرداري جي حمايت ۾ بيانَ ڏنا هئا.هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جا ذميوارَ خدمت خلق فائونڊيشن جي لاءِ قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ اسان عيد کان پوءِ پنهنجي لائحه عمل جو اعلان ڪنداسين ته جيئن عوام کي ڪنهن به پريشاني  جو سامنو نه ڪرڻو پوي.

7/18/2024 1:23:35 AM