Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تعصب رکندڙ تجزيي نگار ايم ڪيو ايم جي پاليسين تي تنقيد ضرور ڪن پر بي بنياد الزام نه لڳائن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 10/7/2014
تعصب رکندڙ تجزيي نگار ايم ڪيو ايم جي پاليسين تي تنقيد ضرور ڪن پر بي بنياد الزام نه لڳائن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ماڻهو ايم ڪيو ايم ڇڏي نه پيا وڃن بلڪه جيڪي پراڻا ذميوار پنهنجين مجبورين يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري گهر ويهي رهيا هئا اهي به ايم ڪيو ايم ۾ واپس اچي رهيا آهن.
حيدرآباد ۽ سکر ۾ ڪي ڪي ايف جي ڪيمپن تي موجود ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛7 آڪٽوبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته تعصب رکندڙ ۽ شائونسٽ تجزيي نگار ايم ڪيو ايم جي پاليسين تي تنقيد ضرور ڪن پر ڪوڙا پروفيگنڊا ۽ بي بنياد الزام نه لڳائن ۽ پنهنجين دلين مان ايم ڪيو ايم جي خلاف نفرت ۽ تعصب ڪڍي ڦٽي ڪن.انهن اها ڳالھ حيدرآباد ۽ سکر ۾ قرباني جون کلون جمع ڪرڻ جي سلسلي ۾ قائم ڪيل ڪيمپن تي موجود ذميوارن ، چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي.انهن فرمايو ته ڪي ڪي ايف ڪيترن ئي سالن کان عوام جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪري رهيو آهي. انهن فرمايو ته وعدو ڪرڻ وڏو آسان هوندو آهي پر ان کي نڀائڻ مشڪل هوندو آهي پر مون کي پنهنجن ساٿين تي ناز آهي جن ڏکين حالتن جي باوجود پنهنجي وعدي جو پاس رکيو ۽ اڄ تائين تحريڪ سان جڙيل آهن. انهن فرمايو ته اڄ شهيدن جون روحون خوش
آهن ته تحريڪ اڄ تمام گهڻو اڳتي وڌي رهي آهي. جناب الطاف حسين ان موقعي تي حيدرآباد ڪيمپ تي موجود سابق ميئر آفتاب شيخ، سابق ڊپٽي ميئر رشيد ڀيا ۽ ٻين سينيئر ڪارڪنن کي خوش آمديد چيو جن جناب الطاف حسين کي يقين ڏياريو ته اهي تحريڪ جي لاءِ ماضي وانگر هر قسم جي قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪي تعصب رکندڙ تجزيي نگار ايم ڪيو ايم ۾ ڀڃ ڊاھ ۽ گروپ بندي جي هٿ ٺوڪيل، من گهڙت ۽ بي بنياد خبرون ڦيلائي رهيا آهن اهي ڏسي وٺن ته ماڻهو ايم ڪيو ايم کي ڇڏي نه وڃي رهيا آهن بلڪه ايم ڪيو ايم جا جيڪي پراڻا ذميوارَ پنهنجين مجبورين يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري  گهر ويهي رهيا هئا، اهي به ايم ڪيو ايم ۾ واپس اچي رهيا آهن ۽ تحريڪ جي جدوجهد ۾ ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي باري ۾ منفي پروفيگنڊو ڪرڻ وارا ڏسي وٺن ته اڄ ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري کي ملڻ وارين کلن جي تعداد ماضي جا تمام ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. انهن وڌيڪ فرمايو ته سنڌ جا ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ با شعور ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي اڪثريت اڄ  الطاف حسين سان گڏ آهي.سنڌ جي صورتحال جو تذڪرو ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته بدقسمتي سان گذريل 67 سالن ۾ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اڄ تائين ڪنهن ڪوئي به ڪم نه ڪيو آهي . رتوڏيرو، نوڏيرو، شڪارپور، لاڙڪاڻي، ڪشمور، دادو ۽ اندرون سنڌ جي ٻين شهرن ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن جا محلَ نظر اچن ٿا پر غريب هاري اڄ به جهوپڙين ۾ رهن ٿا ۽ اهي روڊن ، اسپتالن ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان به محروم آهن. انهن فرمايو ته مان غريب سنڌين کي اها خوشخبري ڏيڻ چاهيان ٿو ته ظالم جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ظلم کان انهن جي آزادي جو ڏينهن ويجهو اچي رهيو آهي. انهن ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو جيڪي عيد جون خوشيون ۽ سڀ گهريلو ڪم ڪار ڇڏي ۽ سخت ڏکين حالتن ۽ گرمي ۾ ڪي ڪي ايف جي لاءِ قرباني جون کلون جمع ڪري رهيا آهن.

7/18/2024 1:18:33 AM