Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ جي شهري علائقن جي عوام جي آبادي کي هميشه هڪ سازش جي تحت گهٽ ڪري ڏيکاريو ويو آهي.


 Posted on: 10/7/2014
سنڌ جي شهري علائقن جي عوام جي آبادي کي هميشه هڪ سازش جي تحت گهٽ ڪري ڏيکاريو ويو آهي.
غيرمنصفانه تڪ بندين جي ذريعي انهن جي سياسي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
نواب شاھ ۾ عيد الاضحٰي جي موقعي تي قرباني جون کلون جمع ڪرڻ جي سلسلي ۾ قائم ڪيل ڪيمپ تي ڪارڪنن سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛7 آڪٽوبر2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو  آهي ته سنڌ جي شهري علائقن جي عوام جي آبادي کي هميشه هڪ سازش جي تحت گهٽ ڪري ڏيکاريو ويو ۽ غيرمنصفانه تڪ بندين جي ذريعي انهن جي سياسي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو پر هاڻي انهن ناانصافين ۽ حق تلفين جو سلسلو وڌيڪ نه هلندو. انهن اها ڳالھ اڄ نواب شاھ ۾ عيد الاضحٰي جي موقعي تي قرباني جون کلون جمع ڪرڻ جي سلسلي ۾ قائم ڪيل ڪي ڪي ايف جي ڪيمپ تي ڪارڪنن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.انهن فرمايو ته جهڙي طرح پريشر ڪڪر به وڌيڪ پريشر پوڻ تي ڦاٽي پوي ٿو اهڙي طرح جيڪڏهن عوام کي ڊگهي وقت تائين مسلسل ظلم ۽ ناانصافين جو نشانو بڻايو وڃي، انهن جي مسلسل حق تلفي ڪئي وڃي ۽ انهن جي آواز کي طاقت سان ڌٻايو وڃي ته انهن جا جذبات به پريشر ڪڪر وانگر ڦاٽي پون ٿا. انهن فرمايو ته نواب شاھ سميت سنڌ جي ٻين شهري علائقن سان مسلسل ناانصافيون ڪيون وينديون رهيون آهن ۽ غيرقانوني تڪ بندين جي ذريعي انهن جون سيٽون گهٽ ڪيون ويون ته جيئن انهن کي سياسي حقن کان محروم رکيو وڃي ، جڏهن ته ٻئي طرف شهري علائقن جي آبادي گهٽ ظاهر ڪرڻ جي لاءِ اهڙن اهڙن جعلي ڳوٺن جون آباديون ڪاغذن ۾ ڏيکاريون ويون جن جو ڪوئي به وجود نه هو. انهن فرمايو ته جيري مينڊرنگ يعني تڪ بندين ۾ سازشن جي ذريعي غيرمنصفانه گهٽ وڌ ڪرڻ جا جيڪي هٿرادو طريقا اختيار ڪيا ويا آهن اهي وقتي طور تي ڪامياب ٿي سگهن ٿا پر اهي هٿڪنڊا ڊگهي عرصي تائين هلي نه ٿا سگهن. ان جي ڪري حڪمرانن کي گهرجي ته اهي هٿرادو طريقا اختيار ڪرڻ ڇڏي ڏين. انهن فرمايو ته انشاء الله تعالٰي هٿرادو طريقن جو اهو سلسلو جلد ئي ختم ٿيندو ۽ سنڌ جي وڏيرن ۽ جاگيردارن سنڌ جي عوام سان جيڪي زيادتيون ڪيون آهن انهن جو خاتمو ٿيندو ۽ جن علائقن جي عوام جو حق ماريو ويو آهي انهن کي انهن جو حق ملندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي جدوجهد ۾ نواب شاھ جي ڪارڪنن ۽ عوام به وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ نواب شاھ جا ڪارڪنَ ۽ عوام اڄ به تمام تر مشڪلاتن جي باوجود ثابت قدمي سان تحريڪي جدوجهد ۾ شامل آهن. ان موقعي تي نواب شاھ زون جي ڪارڪنن جو جوش و خروش ڏسڻ وٺان هو. جن جناب الطاف حسين جي ڳالھ ٻولھ جي دوران تمام وڏا نعرا هنيا ۽ ترانن ۽ مختلف شعرن جي ذريعي پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو جناب الطاف حسين انهن جي جذبن کي ساراهيندي چيو ته حيدرآباد کان وڌيڪ جيڪڏهن مون سان ڪوئي پيار ڪرڻ وارو شهر آهي ته اهو نواب شاھ آهي ۽ مان نواب شاھ جي ڪارڪنن ۽ عوام کي پنهنجو سلام پيش ڪريان ٿو. انهن تحريڪي جدوجهد ۾ شهيد ٿيندڙ نواب شاھ جي ڪارڪنن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي لاءِ دعاءِ مغفرت ڪئي. انهن انسانيت جي خدمت جي جذبي سان سرشار ٿي ڪري  ڪي ڪي ايف جي لاءِ قرباني جون کلون جمع ڪرڻ تي نواب شاھ زون جي تمام ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو

7/18/2024 1:25:41 AM