Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيڪي تجزيو ڪندڙ اهو چون ٿا ته ايم ڪيو ايم جو ووٽ بينڪ گهٽ ٿي رهيو آهي اهي عيدالاضحٰي جي موقعي تي ان کي ملندڙ قرباني جون کلون اچي ڪري ڳڻي وٺن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 10/7/2014
جيڪي تجزيو ڪندڙ اهو چون ٿا ته ايم ڪيو ايم جو ووٽ بينڪ گهٽ ٿي رهيو آهي اهي عيدالاضحٰي جي موقعي تي ان کي ملندڙ قرباني جون کلون اچي ڪري ڳڻي وٺن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جنهن به منهنجي باري ۾ جيڪو ڪجھ چيو آهي مان اڄ  ان کي معاف ڪريان ٿو.
ڪي ڪي ايف جي مرڪزي ڪيمپ تي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛7 آڪٽوبر2014
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جيڪي مخالفَ، سياسي تجزيي نگار ۽ ليکڪ چون ٿا ته ايم ڪيو ايم جو ووٽ بينڪ گهٽ ٿي رهيو آهي، ان جو گراف ڪِري رهيو آهي اهي عيدالاضحٰي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف کي ملڻ واريون قرباني جون کلون اچي ڪري ڳڻي وٺن، انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم جو ووٽ بينڪ انهن جي تمام تجزين کي هڪ ڀيرو ٻيهر غلط ثابت ڪري ڇڏيندو ۽ انهن کي منهن جي کائڻي پوندي.انهن اها ڳالھ ڪراچي ۾ ڪي ڪي ايف جي مرڪزي ڪيمپ تي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي.ان موقعي تي ڪراچي جي مضافاتي علائقن، اقليتي برادري، اندرون سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخواھ ۽ گلگت بلتستان جي تنظيمي ڪميٽين جي ذميوارن جناب الطاف حسين کي ٻڌايو ته هن ڀيري تمام علائقن مان گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ کلون مليون آهن. جناب الطاف حسين تمام تنظيمي ذميوارن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ فرمايو ته هن سال ڪراچي جي تمام مضافاتي علائقن، سنڌ ، پنجاب، بلوچستان ، خيبرپختونخواھ، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ عوام ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري کي جنهن ريڪارڊ تعداد ۾  قرباني جون کلون ڏنيون آهن ان کي ڏسندي ايم ڪيو ايم سان هرون ڀرون بغض ۽ نفرت رکڻ وارن ۽ ايم ڪيو ايم جي ووٽ بينڪ گهٽ هجڻ جون ڳالهيون ڪرڻ وارن متعصب ليکڪن ۽ دانشورن کي پنهنجن تبصرن ۽ تجزين تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ۽ اهي ڏسي وٺن ته ايم ڪيو ايم کي صرف ڪراچي جي ئي تمام علائقن مان نه بلڪه سڄي ملڪ کان کلون مليون آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ ڪراچي کان رتوڏيرو ۽ ڪشمور تائين ۽ اتان آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تائين ايم ڪيو ايم جي چاهڻ وارا موجود آهن ۽ اهو ايم ڪيو ايم جي شهيدن جي قربانين جي ئي صدقي آهي. انهن اي پي ايم ايس او جي قيام کان وٺي ڪري اڄ تائين شهيد ٿيندڙ تمام شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو . انهن تمام ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان جي جدوجهد ۽ قربانين جي صدقي انشاء الله تعالٰي جلد ئي ايم ڪيو ايم کي اختيار به ملندو ۽ جڏهن اسان کي اختيار ملندو ته اسان پاڪستان جي عوام کي حق به ڏينداسين ۽ انشاء الله تعالٰي پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ بڻائينداسين جو جنهن کي ڏسڻ جي لاءِ سڄي دنيا کان ماڻهو پاڪستان جو رخ ڪندا. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي پاڪستان کي امن ۽ پيار و محبت جو گهوارو بڻائي ۽ ملڪ ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪري جو ملڪ ۾ رهڻ وارو هر شخص پاڻ کي محفوظ سمجهي، تمام امڙيون ۽ ڀينرون به بغير ڪنهن خوف جي پنهنجي تعليم ،روزگار ۽ ڪم ڪار جي لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري سگهن ۽ ڪوئي به انهن تي ميري اک کڻي نه ڏسي  سگهي.انهن وڌيڪ فرمايو ته اسان چاهيون ٿا ته بوهري، آغاخاني، اسماعيلي، گلگتي ۽ بلتستانين سميت تمام برادرين ۽ اقليتن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو به پاڪستان ۾ آزاد زندگي گذاري  سگهن ۽ اهي فقط پاڪستاني پاسپورٽ جي حد تائين نه بلڪه انهن کي دل سان محسوس ٿئي ته پاڪستان انهن جو پنهنجو وطن آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته منهنجو دل چاهي ٿو ته مان پاڪستان اچان، پوري سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخواھ، فاٽا، گلگت بلتستان ،
هزاره ۽ بلوچستان سميت پوري ملڪ جو دورو ڪريان ۽ ماڻهن سان مليان. انهن فرمايو ته جڏهن مان پاڪستان اچڻ جي ڳالھ ڪريان ٿو ته مون کان ڪيترن ئي سالن کان پري ڪارڪنَ ته خوش ٿي وڃن ٿا پر گهڻن ئي ماڻهن جون ننڍون حرام ٿي وڃن ٿيون. انهن فرمايو ته مان اڄ عيد جي موقعي تي اهڙي ڪائي ڳالھ ڪرڻ نه ٿو چاهيان جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿئي. جنهن به منهنجي باري ۾ جيڪو ڪجھ چيو آهي مان اڄ  ان کي معاف ڪريان ٿو، جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪي ماڻهو تجزيو ڪن ٿا ته ايم ڪيو ايم ۾ گڙبڙ ٿي رهي آهي ۽ گروپ بڻجي رهيا آهن  حقيقت اها آهي ته ايم ڪيو ايم ۾ صرف هڪ ئي گروپ آهي ۽ اهو الطاف حسين جي چاهڻ وارن جو آهي. انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو  ايم کي الله سائين کان علاوه دنيا جي ڪائي به طاقت ختم نه ٿي ڪري سگهي. انهن قرباني جون کلون جمع ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڏينهن رات خدمتون انجام ڏيڻ وارن ايم ڪيو ايم جي تمام سيڪٽرن، زونن ۽ صوبن جي مرڪزي ڪارڪنن سميت تمام تنظيمي شعبن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. انهن ڪارڪنن وانگر محنت سان ڪم ڪرڻ تي حق پرست قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، سينيٽرن، لنڊن ۽ پاڪستان جي رابطا ڪميٽي جي تمام ميمبرن کي به خراج تحسين پيش ڪيو.

7/18/2024 1:32:20 AM