Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو خدمت خلق فائونڊيشن جي مرڪزي ڪيمپ تي فون، عيدالاضحٰي جي موقعي تي قرباني جون کلون جمع ڪرڻ وارن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي شاباش پيش ڪئي.


 Posted on: 10/6/2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو خدمت خلق فائونڊيشن جي مرڪزي ڪيمپ تي فون، عيدالاضحٰي جي موقعي تي قرباني جون کلون جمع ڪرڻ وارن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي شاباش پيش ڪئي.
لنڊن؛6 آڪٽوبر2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين عيد الاضحٰي جي موقعي تي قرباني جون کلون جمع ڪرڻ جي سلسلي ۾ قائم ڪيل خدمت خلق فائونڊيشن جي مرڪزي ڪيمپ تي فون ڪري  اتي فلاحي خدمتون انجام ڏيڻ وارن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي شاباش پيش ڪئي.جناب الطاف حسين مرڪزي ڪيمپ تي موجود تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي. انهن فرمايو ته ڪراچي سميت سنڌ جي تمام شهرن ، ڳوٺن، پنجاب ، بلوچستان،خيبرپختونخواھ، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ذميوارن ۽ ڪارڪنن عيد جون خوشيون ۽ پنهنجو گهر بار ۽ دوستن جون محفلون ڇڏي ڪري انسانيت جي خدمت جي جذبي جي تحت ڪي ڪي ايف جي لاءِ قرباني جون کلون جمع ڪري رهيا آهن جنهن تي مان انهن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. انهن سيڪٽرن، زونن ۽ ضلعن جي ڪارڪنن سان گڏو گڏ شعبي جي عورتن ۽ ايلڊر ونگ جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي به خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن کي دعائون ڏيندي فرمايو ته الله تعالٰي اوهان سڀني کي خوش ۽ سلامت رکي،جناب الطاف حسين فرمايو ته شروعات ۾ ڪي ڪي ايف وٽ صرف ٻه چار ايمبولينسون هيون پر الله تعالٰي جو ڪرم آهي ته اڄ ان وٽ سو کان وڌيڪ ايمبولينسون آهن ۽ ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ايمبولنس سينيٽر،ميڊيڪل سينيٽر ۽ اسپتال آهن ۽ جتي ڪوئي حادثو يا قدرتي آفت اچي ته ڪي ڪي ايف جا رضاڪار پهچي وڃن ٿا ۽ پنهنجي جان خطري ۾ وجهي ڪري متاثرن جي مدد ڪن ٿا. انهن فرمايو ته منهنجي آرزو آهي ته اسان پوري پاڪستان ۾ ميڊيڪل سينيٽر ۽ فلاحي مرڪز قائم ڪريون ۽ متاثرن جي وڌي چڙهي ڪري خدمت ڪريون.

7/18/2024 1:14:44 AM