Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

انا يا عهدي جو رعب ۽ تڪبر به تحريڪي ذميوارن جي دماغ ۾ نه اچڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 10/8/2014
انا يا عهدي جو رعب ۽ تڪبر به تحريڪي ذميوارن جي دماغ ۾ نه اچڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ذميوارَ پنهنجي پاڻ کي ساٿين جو خادم، همدرد، خيرخواھ ۽ مددگار سمجهن.
راولپنڊي ۾ ايم ڪيو ايم اپرپنجاب زون جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن سان جناب الطاف حسين جي ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 8 آڪٽوبر2014
             ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته انا يا عهدي جو رعب يا تڪبر ڪڏهن به تحريڪ جي ذميوارن جي دماغ ۾ نه اچڻ گهرجي، بلڪه ذميوار پنهنجي پاڻ کي ساٿين جو خادم، انهن جو همدرد ۽ مددگار سمجهن.انهن اها ڳالھ ايم ڪيو ايم اپر پنجاب زون جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.ان موقعي تي متحده قومي موومينٽ پنجاب جي صدر ميان عتيق بيگ سميت ٻين ۽ ڪارڪنن جناب الطاف حسين کي عيدالاضحٰي جي موقعي تي کلون جمع ڪرڻ جي سلسلي ۾ محنت کان آگاھ ڪيو. جناب الطاف حسين ڪارڪنن جي ڪارڪردگي ۽ محنت کي ساراهيندي انهن کي زبردست خراج تحسين ۽ شاباش به پيش ڪئي ۽ تمام گهڻيون دعائون به ڏنيون. انهن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي تلقين ڪندي فرمايو ته عوام سان ڊيلنگ ڪندي اوهان جو رويو حاڪمانه يا جارحانه نه بلڪه عاجزي ۽ انڪساري وارو هجڻ گهرجي.اهو ئي تنظيم جو نکار آهي ۽ جيڪي ڪارڪنَ ان رويي کي اپنائن ٿا ته اهي ئي تنظيم ۽ تحريڪ جي نيڪ نامي جو باعث بڻجن ٿا ۽ جيڪي ان کي وساري ڇڏين ٿا اهي تحريڪ جي لاءِ ندامت جو ڪارڻ بڻجڻ ٿا. اهڙا ماڻهو پنهنجي پاڻ کي هزارين ۽ لکين ماڻهن جي نظرن ڪيرائي وجهن ٿا. انا يا عهدي جو رعب ۽ تڪبر ڪڏهن به انسان جي دماغ  ۾ نه اچڻ گهرجي. بلڪه ذميوارَ پنهنجي پاڻ کي ساٿين جو خادم، انهن جو همدرد ۽ مددگار سمجهن.جناب الطاف حسين ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي هدايت فرمائي ته اهي تحريڪ جي ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ عيد کان فورن بعد عوامي رابطا مهم جو آغاز ڪري ڇڏين ۽ تحريڪ جي پيغام کي پنجاب جي شهرن ۽ ڳوٺن تائين پهچائن. انهن ڏکين حالتن جي باوجود ڪي ڪي ايف جي لاءِ کلون جمع ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم اپر پنجاب زون جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي خراج تحسين به پيش ڪيو.

7/18/2024 1:35:22 AM