Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عوام عيد الاضحٰي جي موقعي تي قرباني جون کلون ڪي ڪي ايف کي ڏين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل


 Posted on: 10/5/2014
عوام عيد الاضحٰي جي موقعي تي قرباني جون کلون ڪي ڪي ايف کي ڏين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل.
لنڊن؛5 آڪٽوبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي عيدالاضحٰي جي موقعي تي قرباني جون کلون ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف کي ڏين. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪي ڪي ايف هڪ منظم فلاحي ادارو آهي جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان غريب ۽ مستحق ماڻهن جي بغير ڪنهن فرق  جي خدمت ڪري رهيو آهي. ڪي ڪي ايف جو ايمبولينس سينٽر، ميت بس سروس، بلڊ بينڪ ۽ اسپتال ڏينهن رات عوام جي خدمت ۾ مصروف آهن. ان سان گڏو گڏ ان فلاحي اداري سان لاڳاپيل اسڪولَ ۽ يونيورسٽي به تعليم جي فروغ  جي لاءِ ڪوشان آهن. ان کان علاوه ڪي ڪي ايف جي طرفان غريبن جي مدد جو سلسلو سڄو سال جاري رهي ٿو. انهن فرمايو ته ڪي ڪي ايف جون تمام تر فلاحي سرگرميون عوام جي عطيات ، زڪوٰت، فطرن ۽ قرباني جي کلن جي ڪري ئي جاري آهن ۽ ان کي پنهنجي فلاحي سرگرمين جو دائرو وڌائڻ جي لاءِ عوام جي عطيات جي سخت ضرورت آهي. انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي عيد جي موقعي تي قرباني جون کلون وڌ کان وڌ ڪي ڪي ايف کي ڏين.


7/18/2024 1:32:05 AM