Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان ڪارڪن فرحان جي گهر تي چاپي جي دوران انهن جي امڙ سان بدتميزي ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي.


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان ڪارڪن فرحان جي گهر تي چاپي جي دوران انهن جي امڙ سان بدتميزي ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي.
 Posted on: 12/30/2014
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان ڪارڪن فرحان جي گهر تي چاپي جي دوران انهن جي امڙ سان بدتميزي ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي.
واضع رهي ته ڪارڪن فرحان جي امڙ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان بد تميزي ڪرڻ جي نتيجي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي.
ڪراچي ؛ 30 ڊسمبر 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رات برنس روڊ جي علائقي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن فرحان ولد محمد حنيف جي گهر تي چاپو هڻڻ ۽ انهن جي والده سان بدتميزي ڪرڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ ڪئي آهي.پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل رات قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن برنس روڊ جي علائقي ۾ فرحان جي گهر انهن جي گرفتاري جي لاءِ چاپو هنيو هو پر فرحان ان وقت گهر ۾ موجود نه هئا ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن انهن جي ننڍي ڀاءُ کي زبردستي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي دوران انهن جي پوڙهي امڙ انهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن انهن کي ڌڪا ڏنا ۽ انهن سان بدتميزي ڪئي جنهن جي ڪري اها دل جو دورو پوڻ جي سبب ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي. رابطا ڪميٽي ان واقعي کي انسانيت جي خلاف قرار ڏيندي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کان مطالبو ڪيو ته اهي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي رويي جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ مذڪوره واقعي ۾ ملوث اهلڪارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي. رابطا ڪميٽي فرحان سميت مرحومه جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.


6/30/2024 11:19:10 AM