ايم ڪيو ايم قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر جي هر دل عزيز ڪارڪن سيد قاصد علي جي شهادت تي جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 30 ڊسمبر 2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر يونٽ 131 جي هر دل عزيز ڪارڪن سيد قاصد علي جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته حق پرستي جي جدوجهد جي آغاز کان ئي وٺي ڪري مان ڪارڪنن جي جدائي جو غم برداشت ڪندو پيو اچان پر ان جي باوجود مان الله سائين جي ڀروسي ۽ صبر سان گڏ پنهنجن ڪارڪنن جي لاءِ انصاف جو طلبگار آهيان. جناب الطاف حسين شهيد جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي شهيد کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.