ڪراچي ۽ سڄي ملڪ ۾ مقيم مخير حضرات ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن جي ڀرپور مدد ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل.
لنڊن؛ 30 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ مقيم پاڪستانين خصوصن مخير حضرات کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ٽمبر مارڪيٽ سانحي جي متاثرن جي ڀرپور مدد ڪن. جناب الطاف حسين ٽمبر مارڪيٽ ۾ قائم ايم ڪيو ايم جي امدادي ڪيمپ تي مصروف حق پرست اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين ذميوارن سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي اپيل ڪئي ته اهي هن ڏکئي وقت ۾ ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن جي ڀرپور مدد ڪن ۽ ان سلسلي ۾ کاڌي پيتي جون شيون، سيءَ کان بچاءَ جا گرم ڪپڙا،ڪمبل، ٻارن جي کائڻ پيئڻ جو ضروري سامان ۽ ٻيون ضروري شيون فيڊرل بي ايريا ۾ ڪي ڪي ايف جي مرڪزي آفيس يا ٽمبر مارڪيٽ ۾ قائم ايم ڪيو ايم جي ڪيمپ تي 24 ڪلاڪن ۾ ڪنهن به وقت جمع ڪرائي سگهن ٿا.