ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان لاهور ۾ تاريخي انارڪلي بازار ۾ خوفناڪ باھ لڳڻ جي واقعي ۾ 12 ماڻهن جي هلاڪت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 29 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لاهور ۾ تاريخي انار ڪلي بازار ۾ خوفناڪ باھ لڳڻ جي واقعي ۾ 12 ماڻهن جي هلاڪت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته انارڪلي بازار لاهور جو تاريخي بازار آهي. جنهن ۾ باھ لڳڻ جي ڪري هلاڪتون ٿيڻ وڏو افسوسناڪ واقعو آهي. انهن مطالبو ڪيو ته ان سانحي جي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ متاثرن جي نقصانن جو ازالو ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته ان واقعي تي مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن وڏا غمگين آهن ۽ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي ان واقعي ۾ هلاڪ ٿيندڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.