حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار شريف جي گادي نشين سيد نثار شاھ جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 29 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار شريف جي گادي نشين سيد نثار شاھ جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مرحوم هڪ وڏي نيڪ هستي هئا ۽ مرحوم جي تعليمات شاھ ڀٽائي جي درس جي مطابق هيون.جناب الطاف حسين مرحوم جي سوگوار پونئرن ۽ عقيدت مندن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.