ڊاڪٽر عشرت العباد خان کي گورنر سنڌ جي عهدي تي 12 سال مڪمل ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مبارڪباد پيش.
ڪراچي؛ 26 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کي گورنر جي عهدي تي 12 سال مڪمل ٿيڻ تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڊاڪٽر عشرت العباد پنهنجي دور ۾ مختلف سياسي و مذهبي جماعتن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ سنڌ جي عوام جي بهتري جي لاءِ جيڪي قدمَ کنيا آهن اهي قابل تحسين آهن.رابطا ڪميٽي چيو ته ڊاڪٽر عشرت العباد بطور گورنر 12 سالن جو عرصو ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي نه صرف پاڻ مبارڪباد جا مستحق آهن بلڪه سنڌ جا عوام به مبارڪباد جا مستحق آهن.