حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي گدي نشين سيد نثار حسين شاھ جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
ڪراچي؛ 29 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي گدي نشين سيد نثار حسين شاھ جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي. رابطا ڪميٽي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سمورن سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.