Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن کي في گهر 25 لک روپيا امداد فوري طور تي ادا ڪئي وڃي.حق پرست سينيٽر بابر غوري.


ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن کي في گهر 25 لک روپيا امداد فوري طور تي ادا ڪئي وڃي.حق پرست سينيٽر بابر غوري.
 Posted on: 12/29/2014
ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن کي في گهر 25 لک روپيا امداد فوري طور تي ادا ڪئي وڃي.حق پرست سينيٽر بابر غوري.
ٽمبر مارڪيٽ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 29 ڊسمبر 2014
            ايم ڪيو ايم جي حق پرست سينيٽر بابر غوري سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن کي في گهر 25 لک روپيا امداد فوري طور تي ڏني وڃي ته جيئن متاثرن جي ڏکن جو ازالو ٿي سگهي.اهو مطالبو انهن ٽمبر مارڪيٽ ۾ امدادي ڪيمپ تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.ان موقعي تي اسيمبلين جا ميمبر به انهن سان گڏ هئا.بابر غوري چيو ته ٽمبر مارڪيٽ واقعي ۾ 8000 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن.انهن چيو ته سنڌ حڪومت جا وزير متاثرن جي عملي مدد ڪرڻ جي بجاءِ صرف پريس ڪانفرنسون ڪرڻ ۽ بهانا تلاش ڪري وقت ضايع ڪري رهيا آهن.انهن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جي تحت ڪراچي جو قومي خزاني ۾ حصو 1500 ارب روپيا آهي. پر ڪراچي جي ماڻهن سان ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي  پر هاڻي سنڌ حڪومت جي ناانصافي وڌيڪ نه هلندي ۽ هڪ لک يا 50000 هزار جي امداد سان متاثرن جو ڪجھ به نه ٿيندو.سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها متاثرن کي في گهر 25 لک روپيا امداد فوري طور تي ادا ڪري.انهن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ وزيرن جي بيحسي جي ڪري متاثرن ۾ وڏي ڪاوڙ پاتي وڃي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم ۽ ان جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جا رضاڪار ڏينهن رات هتي موجود آهن ۽ متاثرن ۾ کاڌي پيتي جون شيون، دوائون ۽ ٻيون ضروري شيون فراهم ڪري رهيا آهن.


7/17/2024 11:13:34 PM