Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شهري حڪومت ٺاهڻ جو موقعو مليو ته سڀني کان پهرين فائربريگيڊ کي جديد گاڏين ۽ جديد اوزارن سان ليس ڪنداسين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


شهري حڪومت ٺاهڻ جو موقعو مليو ته سڀني کان پهرين فائربريگيڊ کي جديد گاڏين ۽ جديد اوزارن سان ليس ڪنداسين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/30/2014
شهري حڪومت ٺاهڻ جو موقعو مليو ته سڀني کان پهرين فائربريگيڊ کي جديد گاڏين ۽ جديد اوزارن سان ليس ڪنداسين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اسان هن وقت نه حڪومت ۾ آهيون ۽ نه ئي بلديات ۾ آهيون پر جيڪو اسان جي وس ۾ آهي اهو اسان ڪري رهيا آهيون.
جيڪڏهن اسان کي سنڌ حڪومت ٺاهڻ جو موقعو مليو ته اسان سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ وڃي ڪري خدمت ڪنداسين.
ٽمبر مارڪيٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي امدادي ڪيمپ تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 30 ڊسمبر 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته آئنده مڪاني اليڪشن ۾ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي شهري حڪومت ٺاهڻ جو موقعو مليو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني کان پهرين فائربريگيڊ کي جديد گاڏين ۽ باھ وسائڻ جي جديد اوزارن سان ليس ڪنداسين ته جيئن شهر ۾ ٽمبر مارڪيٽ جهڙن سانحن کان بچي سگهجي ۽ باھ لڳڻ جي ڪنهن به واقعي ۾ عوام جي جان و مال کي هر قيمت تي محفوظ بڻائي سگهجي. انهن اها ڳالھ رات پاڪستاني وقت جي مطابق 3 لڳي 50 منٽن تي ٽمبر مارڪيٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي امدادي ڪيمپ تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن،لياري سيڪٽر جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ علائقي جي متاثرن سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين امدادي ڪيمپ تي موجود ذميوارن ۽ ڪارڪنن کان امدادي سرگرمين جون تفصيلات به معلوم ڪيون. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن محمد ڪامران فاروقي، مزمل قريشي، سفيان يوسف ۽ لياري سيڪٽر جي ذميوارن جناب الطاف حسين کي تفصيلات کان آگاھ ڪيو. جناب الطاف حسين متاثرن کي امدادي سامان فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي سار سنڀال لهڻ تي رابطا ڪميٽي، اسيمبلي ميمبرن ۽ لياري سيڪٽر جي ذميوارن، ڪارڪنن، ڪي ڪي ايف، نيوز ڪميٽي، فوٽو سيڪشن، وڊيو سيڪشن ۽ ٻين شعبن جي ميمبرن کي به خراج تحسين پيش ڪيو. انهن ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان پنهنجين جانين کي خطري ۾ وجهي ڪري جهڙي طرح سان باھ ۾ وڪوڙيل ماڻهن کي ۽ انهن جي ملڪيتن کي بچائڻ ۾ انهن جي مدد ڪئي آهي ۽ هاڻي به جهڙي طرح ڏينهن رات انهن جي مدد ڪري رهيا آهيو اها نهايت قابل تعريف ڳالھ آهي. الله تعالٰي اوهان کي ان جو اجر ضرور عطا فرمائيندو. انهن فرمايو ته اسان خود غرضي ۾ مبتلا ٿي ڪري پنهنجي تڪليف ۾ ته سڄي رات جاڳون ٿا پر ٻين جي تڪليف جي وقت بي فڪر ٿي ڪري ننڍ جا مزا وٺون ٿا. انهن فرمايو ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي حديث مبارڪ آهي ته انسانن جي خدمت ڪرڻ افضل عبادت آهي. اسان نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي تعليمات جو ذڪر ته ڪريون ٿا پر ان تي عمل نه ٿا ڪريون، انهي جي ڪري اسان تي رحمتون نازل نه ٿيون ٿين. ان موقعي تي موجود ڪجھ متاثرن به جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ مصيبت جي ان وقت ۾ انهن جي ڀرپور مدد ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. متاثرن جو چوڻ هو ته جڏهن باھ لڳي ته اوهان ئي پنهنجي ٽي وي انٽرويو جي ذريعي  تمام ماڻهن جي توجه ان سانحي ڏانهن مبذول ڪرائي ۽ پنهنجن ساٿين کي اسان جي مدد جي لاءِ موڪليو جيڪي اسان جي هن مهل تائين مدد ڪري رهيا آهن. جناب الطاف حسين متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته جيتوڻيڪ اسان هن وقت نه حڪومت ۾ آهيون ۽ نه ئي بلديات ۾ آهيون پر اسان جي وس ۾ جيڪو ڪجھ به آهي اهو اسان ڪري رهيا آهيون. جناب الطاف حسين فرمايو ته اها ڳالھ انتهائي افسوسناڪ
3
آهي ته هن مهل تائين نه وزير اعلٰي سنڌ متاثره علائقي جو دورو ڪيو آهي ۽ نه ئي انهن جو ڪوئي وزير متاثرن جا ڳوڙها اگهڻ جي لاءِ آيو آهي. انهن وزير اعلٰي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن اهي نه ٿا اچي سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ لاڳاپيل ادارن جي اعلٰي آفيسرن کي ئي موڪلي ڪري امدادي ڪاروائيون شروع ڪرائين.انهن فرمايو ته انشاء الله تعالٰي آئنده مڪاني اليڪشن ۾ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي شهري حڪومت ملي ته اسان سڀني کان پهرين فائربريگيڊ کي اسنارڪل، جديد گاڏين ۽ جديد اوزارن سان ليس ڪنداسين ته جيئن اهڙن واقعن جي صورت ۾ شهرين جي جان و مال کي فوري طور تي محفوظ بڻائي سگهجي.جيڪڏهن اسان کي سنڌ حڪومت بڻائڻ جو موقعو مليو ته اسان سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ وڃي ڪري خدمت ڪنداسين. اسان کي پوري ملڪ جي حڪومت نه به ملي تڏهن به اسان ضرورت پوڻ تي ڪراچي کان ڪشمور تائين ۽ خيبر کان ڪشمير تائين مصيبت سٽلين جي اهڙي طرح ئي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪنداسين  جيئن اسان آزاد ڪشمير ۾ زلزلي ، سيلاب ۽ ٻين قدرتي آفتن جي موقعن ٿي ڪئي آهي.جناب الطاف حسين متاثرن جي مدد ڪرڻ وارن مخير حضرات ۽ ان سانحي جي ڀرپور ڪوريج ڪري ان جي تفصيلات کان پوري قوم کي آگاھ ڪرڻ تي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي اينڪر پرسنن، رپورٽرن، ڪيميره مينن ۽ ٽيڪينيشنز ۽ ان موقعي تي ڀرپور تعاون ڪرڻ تي پوليس ۽ رينجر جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جو به شڪريو ادا ڪيو.


7/17/2024 11:49:10 PM