Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن جي نقصانن جو جائزو وٺي ڪري انهن کي فوري طور تي معاوضو ادا ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن جي نقصانن جو جائزو وٺي ڪري انهن کي فوري طور تي معاوضو ادا ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/29/2014
ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن جي نقصانن جو جائزو وٺي ڪري انهن کي فوري طور تي معاوضو ادا ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
هن مهل تائين وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ حڪومت جي ڪنهن به وزير حادثي واري جڳھ جو دورو نه ڪيو آهي.
ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن جو اربين روپين جو نقصان ٿيو آهي، سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها مصيبت سٽيلن جي مدد ڪري.
مان متاثرن کي يقين ڏريان ٿو ته انهن جي حقن جي لاءِ مان هر سطح تي آواز اٿاريندس.
پراڻي حاجي ڪيمپ تي قائم ڪيل ايم ڪيو ايم جي امدادي ڪيمپ ۾ حق پرست اسيمبلي ميمبرن ۽ ڪارڪنن سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 29 ڊسمبر 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعلٰي سنڌ ۽ صوبائي وزيرن کان مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهي باھ کان متاثر ٿيندڙ حادثي واري جڳھ جو دورو ڪرڻ کان قاصر آهن ته گهٽ ۾ گهٽ ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن ۽ واپارين جي نقصانن جو جائزو وٺي ڪري انهن کي فوري طوري معاوضو ادا ڪن ته جيئن متاثر پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن. اها ڳالھ انهن پراڻي حاجي ڪيمپ ۾ باھ کان متاثر ٿيندڙ خاندانن جي لاءِ قائم ڪيل ايم ڪيو ايم جي امدادي ڪيمپ ۾ حق پرست اسيمبلي ميمبرن، سيڪٽرن ۽ يونٽ جي ذميوارن، ڪارڪنن، ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن، ايڊمن ڪميٽي، شعبه اطلاعات، نيوز ڪميٽي، وڊيو سيڪشن ۽ فوٽو سيڪشن جي ميمبرن سميت اتي موجود پرنٽ و اليڪٽرانڪ ميڊيا جي رپورٽرن، ڪيميره مينن، فوٽو گرافرن، ٽيڪنيشنز ۽ اتي جمع ٿيندڙ متاثرن جي هڪ وڏي اجتماع سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.جناب الطاف حسين فرمايو ته ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪرڻ سڀني کان وڏي عبادت آهي. آزمائش جي ان گهڙي ۾ مصيبت سٽيلن جي مدد ڪرڻ افضل ڪم آهي ۽ پنهنجي زندگي جي سڪون کي مصيبت سٽيلن جي مدد جي لاءِ قربان ڪرڻ ئي حقيقت ۾ انسانيت جي دليل آهي. انهن فرمايو ته ٽمبر مارڪيٽ ۾ لڳندڙ باھ سان نالي وارن واپارين جي ڪارخانن ۽ دڪانن کي ئي نقصان نه پهتو آهي بلڪه آس پاس جي سوين گهرن کي به سخت نقصان پهتو آهي جنهن سان متاثرن جي پائي پائي ڪري جمع ڪيل سڄي عمر جي ڪمائي ، نياڻين جو ڏاج، گهر جو قيمتي سامان، ڄميل ڪاروبار ۽ وسيل گهر سڙي ڪري رک ٿي ويا آهن.جيڪي ماڻهو ڪالھ تائين محتاجن ۽ مسڪينن جي مدد ڪندا هئا، اهي اڄ پاڻ مدد جا طلبگار آهن. پر اها ڳالھ افسوسناڪ آهي ته هن مهل تائين وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ سنڌ حڪومت جي ڪنهن به وزير حادثي واري جڳھ جو دورو نه ڪيو آهي.انهن فرمايو ته جيڪڏهن وزير اعلٰي سنڌ ۽ صوبائي وزير حادثي واري جڳھ تي اچي ڪري متاثرن سان همدردي ڪرڻ کان قاصر آهن ته گهٽ ۾ گهٽ اهي پنهنجي حڪومت جي آفيسرن ۽ اسٽاف جي ميمبرن کي ئي موڪلي ڪري هڪ هڪ گهر ۽ دڪان تي وڃي ڪري متاثرن جي نقصانن جو جائزو وٺن ۽ ان جائزي جي روشني ۾ متاثرن کي فوري طور تي معاوضو ادا ڪن ته جيئن ٻيهر اهي پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن.انهن فرمايو ته اها ڳالھ منهنجي سمجھ کان ٻاهر آهي ته جيڪي ماڻهو خلق خدا جي خدمت جو جذبو نه ٿا رکن ته اهي حڪومت ۾ اچن ئي ڇو ٿا، مظلوم عوام جو ڏک ونڊڻ ۽ انهن جي ڀرپور مدد ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي ۽ سنڌ حڪومت اهو پنهنجو فرض پورو
3
ڪري.انهن فرمايو ته ٽمبر مارڪيٽ ۾ لڳڻ واري خطرناڪ باھ صرف مارڪيٽ جي واپارين جي دڪانن کي ئي نه بلڪه آس پاس جي سوين رهاڪن جي ملڪيتن سڙڻ جي ڪري ڪروڙين روپين جو ئي نه پر اربين روپين جو نقصان ٿيو آهي ۽ صوبي جي سربراھ جي حيثيت سان سيد قائم علي شاھ جي اها ذميواري آهي ته اهي مصيبت سٽيل ماڻهن سان همدردي ڪن ۽ انهن جي مدد ڪن.جناب الطاف حسين باھ سان متاثر ٿيندڙ واپارين ۽ رهاڪن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته اوهان جي سڄي عمر جي ڪمائي سڙي ڪري رک ٿي وئي آهي جنهن تي مون کي دلي ڏک پهتو آهي ۽ مان اوهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان.مان اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته مان اوهان جي حقن جي لاءِ هر سطح تي آواز اٿاريندو رهندس ۽ اوهان جي نقصان جي ازالي جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس.جناب الطاف حسين مخير حضرات کي اپيل ڪئي ته اهي ٽمبر مارڪيٽ پراڻي حاجي ڪيمپ جو دورو ڪن ۽ متاثرن سان ملاقات ڪن ، انهن جي ڏکن کي ونڊين ۽ متاثرن جي ڀرپور مدد ڪن.انهن فرمايو ته اهو ربيع الاول جو بابرڪت مهينو آهي ، ان مهيني جي برڪتن جي صدقي الله تعالٰي مخير حضرات جي ڪاروبار ۾ برڪت عطا فرمائيندو.انهن پرنٽ ۽ اليڪٽرڪ ميڊيا جي نمائندن کي به زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته ٽي وي ۽ اخبارن جا رپورٽر، فوٽو گرافر، ڪيمره مين ۽ اينڪر پرسن رات کان  وٺي ڪري پنهنجا فرض ادا ڪري رهيا آهن ۽ متاثرن جي نقصانن ۽ متاثرن جي جذبن سان سڄي ملڪ جي عوام کي آگاھ ڪري رهيا آهن.انهن ميڊيا جي نمائندن کي اپيل ڪئي ته اهي متاثرن جي ڏکن سان ڀريل داستانون نشر ڪن ته جيئن سڄي دنيا جا ماڻهو ان قيامت کان واقف ٿي سگهن ته ڪهڙي طرح سڄي عمر جي ڪمائي سڙي ڪري رک ٿي وئي آهي.جناب الطاف حسين ٽمبر مارڪيٽ ۾ سيڪيورٽي جا فرض ادا ڪرڻ تي رينجر ۽ پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن کي به زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن جي لاءِ دعائون به ڪيون. جناب الطاف حسين متاثره واپارين ۽ خاندانن جي خدمت ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، حق پرست اسيمبلي ميمبرن، سيڪٽر و يونٽن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن، ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن، ايڊمن ڪميٽي ، شعبه اطلاعات، نيوز ڪميٽي ، فوٽو سيڪشن ۽ وڊيو سيڪشن جي ميمبرن کي به زبردست خراج تحسين ۽ شاباش پيش ڪئي ۽ فرمايو ته منهنجا پيارا ڪارڪن ئي منهنجي اصل طاقت ۽ منهنجو ناز آهن.انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي ايم ڪيو ايم جي تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي خلق خدا جي خدمت ڪرڻ تي اجر عظيم عطا فرمائي ۽ انهن کي ڏکايل انسانيت جي خدمت جي توفيق عطا فرمائي ۽ باھ کان متاثر ٿيندڙن جي غيب سان مدد فرمائي. آمين.


6/30/2024 11:24:04 AM