سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي پارليماني ليڊر خواجه اظهار الحسن جي سُهري برڪت الله خان غوري جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 30 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي پارليماني ليڊر خواجه اظهار الحسن جي سُهري برڪت الله خان غوري جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن خواجه اظهار الحسن سميت مرحوم جي تمام سوگوارن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.