Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي اصل قاتلن کي سخت کان سخت سزا ملي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد کي انهن جي پنجين ورسي تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. اربع جي ڏينهن نائن زيرو تي گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ شهيد انقلاب جي ورسي آهي. الله تعالٰي انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.جيڪي انهن جا قاتل آهن انهن کي سخت کان سخت سزا ڏي ۽ جيڪي قتل جون سازشون ڪرڻ وارا آهن الله تعالٰي انهن تي به پنهنجو عذاب نازل ڪري. آمين. 
Read More    Posted on: 17 Sep 2015
لنڊن انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ “ شهيد انقلاب ” ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي پنجين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.
متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر “ شهيد انقلاب ” ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي پنجين ورسي لنڊن ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي ۽ شهيد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي ايصالِ ثواب جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جو اجتماع منعقد ٿيو.
Read More    Posted on: 17 Sep 2015
اسان پاڪستان جا دشمن نه بلڪه پاڪستان جا سڄڻ آهيون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان پاڪستان جا دشمن نه بلڪه پاڪستان جا سڄڻ آهيون، اسان پاڪستان کي قائد اعظم محمد علي جناح جي ويزن جي مطابق هڪ اهڙو ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جتي امير ۽  غريب سڀني جي عزت برابر هجي، سڀني کي برابر جا حق حاصل هجن ۽ ميرٽ جو نفاذ هجي.
Read More    Posted on: 17 Sep 2015
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام 17 سيپٽمبر بروز خميس تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي 62 هين سالگره پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پروقار انداز ۾ ملهائي ويندي.
             متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي 62 هين سالگره وڏي پرجوش انداز ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهائي ويندي. ان سلسلي ۾ 17 سيپٽمبر بروز خميس تي شام جو 5 وڳي پاڪستان جي 38 کان وڌيڪ شهرن ۾ سالگره جا اجتماع منعقد ڪيا ويندا. جن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين  انتهائي اهم خطاب فرمائيندا. جڏهن ته ان سلسلي جو مرڪزي پروگرام جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ منعقد ڪيو ويندو. 
Read More    Posted on: 16 Sep 2015
ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي شهادت جو واقعو ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن جو هڪ حصو آهي. ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا.
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر سيد شاهد پاشا چيو آهي ته ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد اسان جي دلين ۾ زنده آهن ۽ شهيدن جي رت سان ئي انقلابي تحريڪن کي روشني ملندي آهي. 
Read More    Posted on: 16 Sep 2015
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي پنجين ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ايم ڪيو ايم جي سابق ڪنوينر شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي پنجين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.ان سلسلي ۾  گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت سڄي ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۾ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ڪيا ويا. 
Read More    Posted on: 16 Sep 2015
ايم ڪيو ايم هڪ هئي ، هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي ۽ اسان انهي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن آهيون جنهن جا قائد محترم جناب الطاف حسين آهن.سنڌ اسيمبلي جو مستعفي ميمبر فيصل سبز واري.
سنڌ اسيمبلي جي مستعفي ميمبر فيصل سبزواري  چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ هئي، هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي ۽ اسان انهي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن آهيون جنهن جا قائد جناب الطاف حسين آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ ڪيو.
Read More    Posted on: 16 Sep 2015
پي آئي بي ڪالوني، ملير ۽ قصبه علي ڳڙھ ۾ رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي غير قانوني ڇاپن ۽ 4 ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان پي آئي بي ، ملير ۽ قصبه علي ڳڙھ ڪالوني ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. 
Read More    Posted on: 16 Sep 2015
ايم ڪيو ايم فاٽا صوبي جي قيام جي مطالبي جي حمايت ڪري ٿي. ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت فاٽا جي گرينڊ الائنس جي طرفان الڳ صوبي جي قيام جي مطالبي جي حمايت ڪندي چيو آهي ته عوام جي خواهشن، گڊ گورننس ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ نون صوبن جو قيام وقت جي اهم ترين ضرورت آهي. 
Read More    Posted on: 15 Sep 2015
ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪنوينر شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي پنجين ورسي سڄي ملڪ ۾ وڏي عقيدت سان ملهائي ويندي.
              متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪنوينر شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي پنجين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. ورسي جي سلسلي ۾ 16 سيپٽمبر بروز اربع تي سڄي ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۾ قرآن خواني جا اجتماع به منعقد ڪيا ويندا. جڏهن ته ان سلسلي جو مرڪزي پروگرام لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ منعقد ٿيندو. 
Read More    Posted on: 15 Sep 2015
جناب الطاف حسين جي 62 هين سالگره سڄي ملڪ ۾ وڏي احترام سان ملهائي ويندي.ايم ڪيو ايم جو اعلان.
              متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي 62 هين سالگره ساده پر پر وقار انداز ۾ ملهائي ويندي. سالگره جو مرڪزي پروگرام جناح گرائونڊ ۾ 17 سيپٽمبر بروز خميس تي ٿيندو. 16 سيپٽمبر جي رات جو نائن زيرو تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ڪارڪن َ تجديد عهد وفا به ڪندا.  سالگره جي موقعي تي اسپتالن ۾ مريضن ۾ گل ۽ فروٽ به ورهايو ويندو ، جيلن ۾ اسير ڪارڪنن جي لاءِ کاڌو به پهچايو ويندو ۽ پکي به آزاد ڪيا ويندا.
Read More    Posted on: 15 Sep 2015
“ شهيدِ انقلاب ” ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جو نالو ايم ڪيو ايم جي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين “ شهيد انقلاب ” ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي پنجين ورسي جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي فرمايو آهي ته ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جو نالو ايم ڪيو ايم جي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو.
Read More    Posted on: 15 Sep 2015
سعودي عرب ۾ ڪرين ڪرڻ جي حادثي جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم سانگهڙ زون شهداد پور سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبر نويد مرتضٰي جي شهادت تي جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سعودي عرب ۾ ڪرين ڪرڻ جي حادثي جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم سانگهڙ زون شهداد پور سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبر نويد مرتضٰي جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين شهيد جي خدمتن کي ساراهيو ۽ انهن کي خراج عقيدت به پيش ڪيو.
Read More    Posted on: 15 Sep 2015
پرائيويٽ اسڪولن جي مالڪن جي طرفان فيئن ۾ تمام گهڻي اضافي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پرائيويٽ اسڪولن جي مالڪن جي طرفان فيئن ۾ تمام گهڻي اضافي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته پرائيويٽ اسڪولن جي طرفان فيئن ۾ اضافو غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ جي برابر آهي. 
Read More    Posted on: 15 Sep 2015
ايم ڪيو ايم جي طرفان نالي واري آئيني ۽ قانوني ماهر ۽ سينيئر سياسي رهنما بيرسٽر اعتزاز احسن جي خيالن جو خير مقدم.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ ملڪ جي نالي واري آئيني ۽ قانوني ماهر ۽ سينيئر سياسي رهنما بيرسٽر اعتزاز احسن جي خيالن جو خير مقدم ڪندي چيو آهي ته بيرسٽر اعتزاز احسن اڄ سينيٽ جي ايوان ۾ جن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 14 Sep 2015
Items 1081 to 1095 of 2634