Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
محرم الحرام ۾ فرقي وارانه هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالقادر خانزاده ۽ عارف خان ايڊووڪيٽ نالي وارن عالمن سڳورن احمد حسين مسعودي ۽ يحيٰي عطاري سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. ايم ڪيو ايم
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي محرم شريف جي دوران مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالقادر خانزاده ۽ عارف خان معروف عالمن سڳورن احمد حسين مسعودي ۽ يحيٰي عطاري سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. رابطا ڪميٽي عالمن سڳورن کي جناب الطاف حسين جو پيغام پهچايو ۽ انهن کي اپيل ڪئي ته اهي شهر ۾ مذهبي رواداري جي فروغ  ۽ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار  رکڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم علماء ڪميٽي جو انچارج جاويد احمد ۽ ٻيا به موجود هئا. ملاقات ۾ عالمن سڳورن رابطا 
Read More    Posted on: 20 Oct 2015
حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي 22 يونين ڪائونسلن ۾ ايم ڪيو ايم جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين بنا مقابلي چونڊي ويا آهن
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي 22 يونين ڪائونسلن ۾ ايم ڪيو ايم جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين بنا مقابلي جي چونڊجي ويا آهن. تفصيلات جي مطابق حيدرآباد جي ميونسپل ڪارپوريشن 96 يونين ڪائونسلن تي ٻڌل آهي. انهن مان 13 يونين ڪائونسلن تي ايم ڪيو ايم جا پورا پينل ڪامياب ٿيا آهن جن ۾ چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ جنرل ڪائونسلر
Read More    Posted on: 20 Oct 2015
رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم تي ڪيبل آپريٽر ن کي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام سراسر ڪوڙ ۽ بي بيناد آهي. ايم ڪيو ايم جو ترجمان
متحده قومي موومينٽ جي ترجمان رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم تي ڪيبل آپريٽرن کي ڌمڪيون ڏيڻ  جي الزام کي سراسر ڪوڙ ۽ بي بنياد قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته ايم ڪيو ايم اي آر وائي جي متعصبانه رويي جي خلاف پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪندي پرامن انداز ۾ ان جو  بائيڪاٽ ڪيو آهي ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي اي آر وائي کي ڏسڻ بند ڪري ڇڏين. ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جي طرفان اي آر وائي جي متعصبانه رويي جي خلاف پرامن احتجاجي مظاهرو به ڪيو ويو هو جيڪو هر جماعت جو آئيني، قانوني ، سياسي ۽ جمهوري حق آهي. پر رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي پرامن
Read More    Posted on: 20 Oct 2015
سنڌ حڪومت مڪاني اليڪشن جي شيڊول کان پوءِ بدليون ۽ مقرريون ڪري قانون جي سخت خلاف ورزي ڪئي آهي. ڪنور نويد جميل
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪنور نويد جميل چيو آهي ته سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن جي طرفان مڪاني اليڪشن جي شيڊول کان پوءِ اهم ادارن ۾ مقرريون ۽ بدليون ڪري اليڪشن ڪميشن جي قانونن جي سخت خلاف ورزي ڪئي آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر عارف خان، عبدالقادر خانزاده، ارشد حسن ۽ اقبال مقدم به موجود هئا. ڪنور نويد جميل چيو ته ايم ڪيو ايم گذريل ٽن ڏهاڪن کان ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿيندڙ اليڪشنن ۾ ڀرپور عوامي حمايت سان ڪاميابيون حاصل ڪندي رهي آهي جنهن جي تازه ترين
Read More    Posted on: 20 Oct 2015
ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن جي ميمبر محمد اشفاق جي ڀاءُ محمد نديم جي ٽيجهي ۾ سي اي سي ميمبرن جي شرڪت
ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبرن احمد سليم صديقي ۽ منور السلام انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن جي ميمبر محمد اشفاق جي ننڍي ڀاءُ محمد نديم جي ٽيجهي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مرحوم جي بلند درجات جي لاءِ
Read More    Posted on: 18 Oct 2015
قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتاري جو سلسلو جاري آهي
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف علائقن مان رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي 7 بي گناھ ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪورنگي يونٽ 69 جي ڪارڪن يوسف، پي آئي بي يونٽ 49 جي ڪارڪن سراج حسن صديقي ۽ نارٿ ناظم آباد يونٽ 173 جي ڪارڪن طارق مرتضٰي کي ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن گرفتار ڪري ورتو
Read More    Posted on: 18 Oct 2015
نالي واري صحافي ۽ تجزيه نگار آغا مسعود حسين جي ڀيڻ نگار فاطمه جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين نالي واري تجزيه نگار ۽ سينيئر صحافي آغا مسعود حسين جي ڀيڻ نگار فاطمه جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو
Read More    Posted on: 18 Oct 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي وفد جي مولانا اسد ديوبندي ۽ علامه علي ڪرار نقوي سان ملاقات
متحده قومي موومينٽ جي طرفان محرم شريف ۾ فرقي وارانه هم آهنگي ۽ اتحاد بين السملين جي فروغ جي لاءِ مختلف مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن، بزرگن ۽ مذهبي اسڪالرن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان ۽ عبدالقادر خانزاده مولانا اسد ديوبندي ۽ علامه علي ڪرار نقوي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي
Read More    Posted on: 18 Oct 2015
ڪراچي جي ماڻهن کي انهن جو جائز حصو نه ٿو ڏنو وڃي بلڪه سڄي دنيا ۾ انهن جي تصوير کي ٻيو رنگ ڏيئي ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو.رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي طرفان ڪراچي ۾ ڪارنر ميٽنگن جو سلسلو جاري آهي .ا ن سلسلي ۾ بلديه ٽائون جي رانگهڙ پاڙي ۾ هڪ ڪارنر ميٽنگ جو انعقاد ڪيو ويو. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبر محترمه زرين مجيد، سي اي سي انچارج وسيم اختر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي محترمه زرين مجيد چيو ته هر حڪومت ڪراچي جي شهرين سان ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪيو آهي ، ڪراچي جي عوام کي قومي وسيلن ۾ انهن جو جائز حصو نه ٿو ڏنو
Read More    Posted on: 18 Oct 2015
وسيم اختر جي زير صدارت ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جو اهم اجلاس
ايم ڪيو ايم سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي انچارج وسيم اختر جي زير صدارت نائن زيرو تي هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن جي حوالي سان مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو. ان سلسلي ۾ سي اي سي
Read More    Posted on: 18 Oct 2015
حق پرست مڪاني اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي جناب الطاف حسين تي عوام جي ڀرپور اعتماد جو واضع ثبوت آهي. رابطا ڪميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر سيد شاهد پاشا چيو آهي ته مڪاني اليڪشن ۾ حيدرآباد کان وڏي تعداد ۾ حق پرست اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي شهيدن جي قربانين جي صدقي آهي. جن تحريڪ جي مشن و مقصد جي خاطر پنهنجيون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. انهن خيالن جو اظهار انهن حيدرآباد حسرت موهاني هوم اسٽيٽ هال ۾ حق پرست اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي تي عوام کي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباڊ پيش ڪرڻ جي لاءِ منعقد
Read More    Posted on: 18 Oct 2015
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ جي پٽ همايون عارف جي علالت تي جناب الطاف حسين جي طرفان وڏي ڳڻتي جو اظهار ۽ انهن جي صحتيابي جي لاءِ به دعا
  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ جي پٽ همايون عارف جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي آهي
Read More    Posted on: 17 Oct 2015
سلمان اقبال کي گڏھ تي ويهاري ڪري سڄي سنڌ ۾ چڪر لڳرائي انهن جو عظيم الشان استقبال ڪيو ويندو. ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن
 ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن ۽ ايم ڪيو ايم ايلڊر ونگ ڪميٽي جي ميمبرن پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ چيو آهي اي آر وائي جي سي اي او سلمان اقبال جي باري ۾ پوري پاڪستان خصوصن سنڌ جي عوام فيصلو
Read More    Posted on: 17 Oct 2015
ڪراچي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اي ايڇ خانزاده عبدالرشيد گوڏيل کي ڪراچي پريس ڪلب آمد تي خوش آمديد چيو ۽ انهن کي سنڌي اجرڪ جو تحفو به پيش ڪيو
 ڪراچي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اي ايڇ خانزاده پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جي طرفان حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي رشيد گوڏيل کي قاتلاڻه حملي کان پوءِ پريس ڪانفرنس جي لاءِ پريس ڪلب آمد تي خوش آمديد چيو
Read More    Posted on: 17 Oct 2015
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ڪارنر ميٽنگ جو انعقاد
 مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ڪارنر ميٽنگن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ انهن ميٽنگن ۾ جناب الطاف حسين جي نامزد ڪيل اميدوارن کي متعارف ڪرايو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ لائينز ايريا سيڪٽر ۾ هڪ وڏي ڪارنر ميٽنگ جو انعقاد ٿيو. جنهن کي سي اي سي انچارج وسيم اختر خطاب ڪندي چيو ته بغير ڪنهن فرق جي عوام جي
Read More    Posted on: 17 Oct 2015
Items 946 to 960 of 2634