Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پرائيويٽ اسڪولن جي مالڪن جي طرفان فيئن ۾ تمام گهڻي اضافي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


پرائيويٽ اسڪولن جي مالڪن جي طرفان فيئن ۾ تمام گهڻي اضافي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 9/15/2015
پرائيويٽ اسڪولن جي مالڪن جي طرفان فيئن ۾ تمام گهڻي اضافي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
فيئن ۾ اضافو غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ جي برابر آهي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 15 سيپٽمبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پرائيويٽ اسڪولن جي مالڪن جي طرفان فيئن ۾ تمام گهڻي اضافي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته پرائيويٽ اسڪولن جي طرفان فيئن ۾ اضافو غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ جي برابر آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڏينهون وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي دور ۾ غريب والدين پنهنجو پيٽ ڪٽي ڪري پنهنجن ٻارن کي سٺي تعليم ۽ تربيت ڏيارڻ جي لاءِ انهن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ  ٿا. پر پرائيويٽ اسڪولن جي مالڪن فيئن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪري والدين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهي پنهنجن ٻارن کي  گهر ويهارڻ جو سوچي رهيا آهن. جيڪو حڪمرانن جي لاءِ افسوس جو مقام آهي. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته هجڻ ته اهو گهرجي ها جو پرائيويٽ اسڪولن جا مالڪ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي دور ۾ والدين جي آمدني ۽ پريشانين کي سامهون رکندي فيئن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪرڻ کان پاسو ڪن ها پر انهن جي طرفان فيئن ۾ اضافو ٻارن جي مستقبل سان کيڏڻ جي برابر آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ وزير تعليم سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي پرائيويٽ اسڪولن جي مالڪن جي طرفان فيئن ۾ اضافي جو فوري طور تي نوٽس وٺن ته جيئن والدين جي پريشاني دور ٿي سگهي ۽ اهي پنهنجن ٻارن کي سڪون سان پڙهائي سگهن. 
*****


7/17/2024 2:34:02 PM