جناب الطاف حسين جي 62 هين سالگره سڄي ملڪ ۾ وڏي احترام سان ملهائي ويندي.ايم ڪيو ايم جو اعلان.
ڪراچي: 15 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي 62 هين سالگره ساده پر پر وقار انداز ۾ ملهائي ويندي. سالگره جو مرڪزي پروگرام جناح گرائونڊ ۾ 17 سيپٽمبر بروز خميس تي ٿيندو. 16 سيپٽمبر جي رات جو نائن زيرو تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ڪارڪن َ تجديد عهد وفا به ڪندا. سالگره جي موقعي تي اسپتالن ۾ مريضن ۾ گل ۽ فروٽ به ورهايو ويندو ، جيلن ۾ اسير ڪارڪنن جي لاءِ کاڌو به پهچايو ويندو ۽ پکي به آزاد ڪيا ويندا.
*****