Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
8 آڪٽوبر جي زلزلي جي شهيدن جي ڏهين ورسي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام زلزلي جي متاثره علائقن جي تعمير نو ۾ ناڪامي ۽ 50 سيڪڙو منصوبا اڌورا رهجي وڃڻ جي خلاف مظفر آباد ۾ سينٽرل پريس ڪلب جي ٻاهران زبردست احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
آڪٽوبر 2005 جي زلزلي جي شهيدن جي ڏهين ورسي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام زلزلي متاثره علائقن جي تعمير نو ۾ ناڪامي ۽ 50 سيڪڙو منصوبا اڌورا رهجڻ جي خلاف مظفر آباد ۾ سينٽرل پريس ڪلب جي ٻاهران زبردست احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
Read More    Posted on: 08 Oct 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪمال ملڪ جي گرفتاري وڏو ظلم آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر جي طرفان رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪمال ملڪ جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان گرفتاري کي وڏو ظلم قرار ڏنو آهي. 
Read More    Posted on: 08 Oct 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪمال ملڪ کي رينجر نارٿ ناظم آباد ۾ انهن جي گهر تي ڇاپو هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو. ايم ڪيو ايم جو اعلاميو.
             ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد ڪمال ملڪ کي رينجر انهن جي گهر نارٿ ناظم آباد ۾ ڇاپو هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو.تفصيلات جي مطابق رات اڍائي وڳي رينجر جي وڏي نفري انهن جي گهر تي ڇاپو هنيو ۽ رينجر اهلڪار انهن جي گهر جون ڀتيون ٽپي ڪري گهر ۾ داخل ٿي ويا ۽ انهن کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ وٺي ويا. رينجر جا اهلڪار تقريبن ٻن ڪلاڪن تائين انهن جي گهر ۾ موجود رهيا، انهن جي گهر جي تلاشي ورتي ۽ ڪمال ملڪ جون سموريون ڊگريون به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. رينجر اهلڪار انهن جي گهر تي لڳل سي سي ٽي وي جي ريڪارڊنگ به پاڻ سان گڏ کڻي ويا.  
Read More    Posted on: 08 Oct 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد ڪمال ملڪ جي گهر واري سان فون تي ڳالھ ٻولھ. انهن ڪمال ملڪ جي گرفتاري تي همدردي جو اظهار به ڪيو.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد ڪمال ملڪ جي گرفتاري جي اطلاع ملندي ئي انهن جي گهر فون ڪري انهن جي گهر واري سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ انهن سان همدردي جو اظهار ڪيو.
Read More    Posted on: 08 Oct 2015
رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪمال ملڪ کي صرف ان جي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي جو اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ بيٺا آهن ۽ اسان مائنس ون فارمولي کي واضع طور تي رڌ ڪريون ٿا. ڊاڪٽر فاروق ستار.
متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته رينجر اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪمال ملڪ کي بغير ڪنهن ڏوھ جي گرفتار ڪيو آهي، جيڪڏهن انهن ڪوئي ڏوھ ڪيو هجي ها ته ڇا اهي پنهنجي گهر ۾ آرام سان سمهيا پيا هجن ها.

Read More    Posted on: 08 Oct 2015
8 آڪٽوبر 2005 جو قيامت خيز زلزلو اهڙا اڻمٽ نقشَ ڇڏي ويو آهي جنهن تي اڄ به قومي ۽ عالمي سطح تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سانحه 8 آڪٽوبر 2005 جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي فرمايو آهي ته آزاد ڪشمير ۽ صوبي ڪي پي ڪي ۾ ايندڙ قيامت خيز زلزلو اهڙا اڻمٽ نقشَ ڇڏي ويو آهي، جنهن تي اڄ به قومي ۽ عالمي سطح تي انسانيت تي يقين رکڻ وارن جي طرفان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو وڃي ٿو. 
Read More    Posted on: 07 Oct 2015
ڪوڙ تي ٻڌل مواد نشر ڪرڻ واري ٽي وي چينل جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين مستعفي ميمبر قومي اسيمبلي علي رضا عابدي جي خلاف اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هلندڙ من گهڙت ۽ بي بنياد خبرن جو نوٽس وٺندي بحيثيت قائد مستعفي ميمبر قومي اسيمبلي کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ان معاملي تي فوري طور تي آئيني ۽ قانوني ماهرن سان رجوع ڪن ۽ جيڪو ٽي وي چينل انهن جي خلاف ڪوڙ تي ٻڌل مواد نشر ڪري رهيو آهي ان جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪن.
Read More    Posted on: 07 Oct 2015
8 آڪٽوبر 2005 جي تباهي مچائيندڙ زلزلي ۾ ايم ڪيو ايم کان سواءِ ٻئي ڪنهن به سياسي ۽ مذهبي جماعت امدادي ڪاروائين ۾ حصو نه ورتو هو.
 آزاد ڪشمير ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر طاهر کوکر 2005 جي تباهي مچائيندڙ زلزلي کي 10 سال گذرڻ ۽ اربين روپين جي ٻاهرين امداد ملڻ جي باوجود انفراسٽڪچر بحال ڪرڻ ۾ ناڪامي تي آزاد ڪشمير جي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي مطالبو ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ نيب سيرا جو اسپيشل آڊٽ ڪري ۽ تعمير نو ۾ تاخير ڪرڻ وارن جو تعين ڪري ۽ انهن کي سخت سزا ڏيئي ۽ امدادي رقم به سرڪاري خزاني ۾ واپس ڪرائي وڃي.
Read More    Posted on: 07 Oct 2015
اسان پاڪستان جا دشمن نه بلڪه خير خواھ آهيون ۽ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال ڏسڻ چاهيون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان پاڪستان کي خوشحال، مضبوط ۽ ترقي ڪندي ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان فوج ۽ رينجر سميت پاڪ فوج جي سمورن ادارن جو احترام ڪريون ٿا ۽ ڪنهن سان به ٽڪراءُ نه ٿا چاهيون ۽ اسان جو پاڪ فوج ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي صرف اهو ئي چوڻ آهي ته اسان جي به وجود کي تسليم ڪيو وڃي، اسان کي به انسان سمجهيو وڃي ۽ اسان کي ختم ڪرڻ جي روش ختم ڪئي وڃي.
Read More    Posted on: 06 Oct 2015
ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري اسان جي پرامن سياسي جدوجهد تي پابندي عائد ڪئي پئي وڃي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي رياستي ظلم ۽ ڏاڍ جو تسلسل قرار ڏنو آهي.
Read More    Posted on: 06 Oct 2015
بيلجيئم جي سفير فريڊرڪ ويرهڊن جو خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ جو دورو.
             بيلجيئم جي سفير فريڊرڪ ويرهڊن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن محترمه نسرين جليل، سيد امين الحق، سيد سردار احمد ۽ خواجه اظهار الحسن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي رهنمائن انهن کي پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال، صوبي ۾ امن و امان جي قيام جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي ڪاوشن ۽ ملڪ کان انتها پسندي ۽ دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ جناب الطاف جي ڪاوشن کان به آگاھ ڪيو. ان موقعي تي محترمه نسرين جليل انهن کي جناب الطاف حسين جي لکيل ڪتابن جو تحفو به پيش ڪيو. 
Read More    Posted on: 05 Oct 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي ضمانت ۾ فيبروري 2016 تائين توسيع ڪئي وئي آهي.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي ضمانت ۾ فيبروري 2016 تائين توسيع ڪئي وئي آهي. برطانيه جي ميٽروپوليٽن پوليس جناب الطاف حسين کي ان ڳالھ کان اڄ سائوٿ لنڊن جي پوليس اسٽيشن ۾ آگاھ ڪيو . 
Read More    Posted on: 05 Oct 2015
رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب ۽ شبير احمد قائم خاني سابق حق پرست اميدوار برائي صوبائي اسيمبلي فهميده شاھ جي وفات تي سجاول انهن جي تڏي تي وڃي ڪري مرحومه جي مڙس سيد شفيق شاھ سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.
            ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب ۽ شبير احمد قائم خاني سابق حق پرست اميدوار برائي صوبائي اسيمبلي فهميده شاھ جي وفات تي سجاول ۾ انهن جي تڏي تي وڃي ڪري  انهن جي مڙس سيد شفيق شاھ ۽ انهن جي پٽن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
Read More    Posted on: 04 Oct 2015
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي ايم ڪيو ايم جي ئي ايم پي ايز سيد رضا حيدر ۽ ساجد قريشي جي قتلن ۽ ايم ڪيو ايم جي اليڪشن آفيسن تي بم ڌماڪن جو الزام عائد ڪرڻ هن سال جو سڀني کان وڏو مذاق آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي ايم ڪيو ايم جي ئي ايم پي ايز سيد رضا حيدر ۽ ساجد قريشي جي قتلن ۽ 2013 ۾ ايم ڪيو ايم جي اليڪشن آفيسن تي بم ڌماڪن جو الزام هڻڻ هن سال جو سڀني کان وڏو ڀوڳ آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ئي
Read More    Posted on: 04 Oct 2015
حق پرست نمائندن پنهنجي مڪاني حڪومت جي دور ۾ ڪراچي کي دنيا جي مشهور شهرن ۾ شامل ڪرائي ڇڏيو. شاهد پاشا
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا چيو آهي ته جناب الطاف حسين کي نقصان پهچائڻ جون سازشون ماضي وانگر هن ڀيري به ناڪام ٿينديون. انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ريحانه نسرين، عارف خان، ڪمال ملڪ، رضوان بابر، گلفراز خان خٽڪ، عبدالقادر خانزاده ۽ زاهد منصوري به موجود هئا. شاهد پاشا چيو ته اڄ ميڊيا تي
تصاویر
Read More    Posted on: 03 Oct 2015
Items 1006 to 1020 of 2634