Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم فاٽا صوبي جي قيام جي مطالبي جي حمايت ڪري ٿي. ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.


ايم ڪيو ايم فاٽا صوبي جي قيام جي مطالبي جي حمايت ڪري ٿي. ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
 Posted on: 9/15/2015
ايم ڪيو ايم فاٽا صوبي جي قيام جي مطالبي جي حمايت ڪري ٿي. ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
لنڊن: 15 سيپٽمبر 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت فاٽا جي گرينڊ الائنس جي طرفان الڳ صوبي جي قيام جي مطالبي جي حمايت ڪندي چيو آهي ته عوام جي خواهشن، گڊ گورننس ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ نون صوبن جو قيام وقت جي اهم ترين ضرورت آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت جي طرفان فاٽا اصلاحات بل جي ذريعي فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪرڻ جي قبائلي عوام جي خواهشن جي خلاف قرار ڏيندي چيو آهي ته قبائلي اڳواڻڻ جي طرفان اهو بل رڌ ڪري فاٽا کي الڳ صوبي جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. ان کان  اڳ به هزاره صوبي، ڏکڻ پنجاب صوبي، پوٺار صوبي، بهاولپور صوبي ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به الڳ صوبن جي قيام جا مطالبا ڪيا ويندا رهيا آهن. وقت جو تقاضا آهي ته عوامي سطح تي الڳ صوبن جي قيام جي مطالبي کي ضد ۽ انا جي ور نه چاڙهيو وڃي ۽ پاڪستان ۾ عوام جي طرفان جتي جتي به الڳ صوبن جي لاءِ مطالبا ڪيا ويندا رهيا آهن اتي انتظامي بنيادن تي نوان صوبا قائم ڪيا وڃن ته جيئن عوام جا مسئلا حل ٿي سگهن. 
*****

7/17/2024 2:23:31 PM