Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم هڪ هئي ، هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي ۽ اسان انهي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن آهيون جنهن جا قائد محترم جناب الطاف حسين آهن.سنڌ اسيمبلي جو مستعفي ميمبر فيصل سبز واري.


ايم ڪيو ايم هڪ هئي ، هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي ۽ اسان انهي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن آهيون جنهن جا قائد محترم جناب الطاف حسين آهن.سنڌ اسيمبلي جو مستعفي ميمبر فيصل سبز واري.
 Posted on: 9/16/2015
ايم ڪيو ايم هڪ هئي ، هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي ۽ اسان انهي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن آهيون جنهن جا قائد محترم جناب الطاف حسين آهن.سنڌ اسيمبلي جو مستعفي ميمبر فيصل سبز واري.
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جو پنهنجي قائد تي انڌو اعتماد آهي ۽ اهي متحد ۽ منظم آهن. فيصل سبز واري.
رابطا ڪميٽي، حيدر عباس رضوي ۽ ٻين سان گڏجي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 16 سيپٽمبر 2015 
              سنڌ اسيمبلي جي مستعفي ميمبر فيصل سبزواري  چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ هئي، هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي ۽ اسان انهي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن آهيون جنهن جا قائد جناب الطاف حسين آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر رضوان بابر، زاهد منصوري، سي اي سي ميمبر حيدرعباس رضوي ۽ ثمن جعفري به موجود هئي. فيصل سبز واري چيو ته اسان ايم  ڪيو ايم جا ڪارڪن آهيون ۽ رهنداسين ۽ ايم ڪيو ايم جا قائد صرف ۽ صرف جناب الطاف حسين ئي آهن. انهن چيو ته اسان مڃون ٿا ته وقت ڏکيو آهي ۽ اسان تي ڏاڍ جو سلسلو به جاري آهي پر اها صورتحال اسان جي لاءِ ڪا نئين نه آهي.انهن چيو ته ڪجھ هفتن کان پاڪستان جي ميڊيا ۾ ايم ڪيو ايم جي حوالي سان ڪجھ افواهون ڦيلايون ويون هيون پر اڄ اسان جي هتي موجودگي انهن سڀني افواهن جو جواب آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ منظم جماعت آهي ۽ اسان سڀ ان منظم جماعت جا ڪارڪن آهيون، ڪجھ قوتن جي اها خواهش ۽ ڪوشش ضرور آهي ته ايم ڪيو ايم ۾ اندران يا ٻاهران  ڏار وجهجن پر اهي ان ڪوشش ۾ هميشه کان ئي ناڪام رهيا آهن. انهن چيو ته ميڊيا جا اينڪر يا ليکڪ جيڪي لکن ٿا يا بيان ڪن ٿا انهن جي اهڙين شين ۽ افواهن تي انهن کان ڪوئي به پچاڻو ڪرڻ وارو نه آهي . هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جو هڪ طريقو آهي ۽ اهو رهنما اصول ۾ لکيل آهي، اسان اهو ئي طريقو اختيار ڪيو، اسان تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته جناب الطاف حسين ڀاءُ يا رابطا ڪميٽي ڇنڊ پٽي ته ان تي اسان پنهنجي اصلاح ڪريون. انهن چيو ته مان آمريڪا ويو هيس، پر مان ڪو پهريون ڀيرو آمريڪا نه ويو هوس ۽ پاڪستان ئي منهنجو اصل گهر آهي. انهن چيو ته اهو به ميڊيا ٽرائل جو حصو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي حوالي سان مختلف قسمن جون افواهون ڦيلايون وڃن جنهن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته جن ماڻهن جي اها خواهش هئي ته ايم ڪيو ايم جا اسيمبلي ميمبر منحرف ٿي وڃن ته انهن جي خواهش جي ابتڙ ايم ڪيو ايم ڪجھ ڪلاڪن جي اندر ئي استعيفٰي ڏيئي ڪري انهن جي ڳالھ جو جواب ڏيئي ڇڏيو هو ۽ مون سميت ڪيترائي اڳواڻ پاڪستان ۾ نه هئا، پر اسان پنهنجا استعيفٰي فورن موڪلي ڇڏيا، انهن چيو ته اسان جي سيٽ پارٽي جي هئي ۽ اسان اها پارٽي کي ئي واپس ڪري ڇڏي. انهن چيو ته منهنجي ان پريس ڪانفرنس کان پوءِ انهن اينڪر پرسنن کي جن اهڙيون ڳالھيون ڪيون هيون ، انهن کي اڄ رات پنهنجن پروگرامن ۾ اهو اعتراف ڪرڻ گهرجي ته اسان جون جيڪي اطلاعات هيون اهي غلط ثابت ٿيون. 
*****

7/17/2024 2:23:32 PM