Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن ۽ ٻين ظلمن جي خلاف ايم ڪيو ايم يوڪي جي طرفان لنڊن ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل جي هيڊ آفيس جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
پاڪستان ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، ڇاپن، گرفتارين ۽ ڪارڪنن کي غير قانوني طريقي سان لاپتا ڪرڻ ۽ انهن کي سرڪاري حراست ۾ تشدد جو نشانو بڻائڻ، ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين تي غير اعلانيه پابندي، ميڊيا تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن، بيانن ۽ تصويرون شايع ڪرڻ تي غير قانوني پابندي ۽ ٻين ظلمن  جي خلاف ايم ڪيو ايم برطانيه جي زير اهتمام ايمنسٽي انٽرنيشنل جي آفيس جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
Read More    Posted on: 27 Oct 2015
جناب الطاف حسين جي هدايت تي ڪي ڪي ايف ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ زلزلي متاثرن جي لاءِ امدادي ڪيمپ قائم ڪري ڇڏيا. رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل.
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪنور نويد جميل چيو آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ زلزلي ۾ ٿيندڙ تباهي وڏي افسوسناڪ آهي جنهن تي ايم ڪيو ايم جو قائد جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن پنهنجن هم وطنن جي لاءِ دعاگو آهي. 
Read More    Posted on: 27 Oct 2015
جناب الطاف حسين جي طرفان لال قلعه گرائونڊ ۾ نياز جي حليم تيار ڪئي وئي.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم مظلوميت جي علامت آهي ۽ حسينيت تي يقين رکي ٿي. اها ڳالھھ انهن لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ محرم شريف جي سلسلي ۾ نياز جي حليم تيار ڪرڻ وارن ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان فون تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمائي.
Read More    Posted on: 27 Oct 2015
ايم ڪيو ايم جي تحت زلزلي متاثرن جي امداد جي لاءِ ڪراچي ۾ 40 کان وڌيڪ هنڌن تي امدادي ڪيمپ قائم ڪيا ويا.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي زلزلي متاثره خاندانن جي امداد جي لاءِ  سڄي ملڪ ۾ ڪي ڪي ايف جي تحت امدادي ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن. جتي عوام جي طرفان امدادي شيون جمع ڪرايون پيون وڃن. 
Read More    Posted on: 27 Oct 2015
زلزلي متاثرن جي لاءِ هنگامي بنيادن تي امدادي ڪيمپ قائم ڪيا وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي کي هدايت فرمائي آهي ته زلزلي متاثرن جي لاءِ هنگامي بنيادن تي امدادي ڪيمپ قائم ڪيا وڃن. اها هدايت انهن رابطا ڪميٽي سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته زلزلي سان وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي ۽ ماڻهو امداد جا منتظر آهن. 
Read More    Posted on: 26 Oct 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان، زاهد منصوري ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن جو ڊينسو هال ميڊيسن مارڪيٽ جو دورو.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان، زاهد منصوري ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن ڊينسو هال جي ميڊيسن مارڪيٽ جو دورو ڪيو ۽ 24 دڪانن جا قلف ڪٽي ڪري لکين روپين جو ڌاڙو هڻڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾مذمت ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 26 Oct 2015
اورنگي ٽائون جي سابق حق پرست ٽائون ناظم عبدالحق جي والده محترمه جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين اورنگي ٽائون جي سابق حق پرست ٽائون ناظم عبدالحق جي والده محترمه جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 26 Oct 2015
ڊينسو هال جي مدينه ميڊيڪل مارڪيٽ ۾ 24 دڪانن جا قلف ڪٽي ڪري لکين روپين جو ڌاڙو هڻڻ جي واردات تي سنڌ رينجر ۽ ڊي جي رينجر بلال اڪبر کي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج تحسين پيش.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ ڊينسو هال جي مدينه ميڊيڪل مارڪيٽ ۾ 24 دڪانن جا قلف ڪٽي ڪري لکين روپين جو ڌاڙو هڻڻ جي واقعي کي تاريخي واقعو قرار ڏيندي سنڌ رينجر ۽ ڊي جي رينجر بلال اڪبر کي ان شاندار ۽ تاريخي واردات تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 26 Oct 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جو هنگامي اجلاس، ملڪ ۾ ايندڙ زلزلي کان پوءِ پيش ايندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو هڪ هنگامي اجلاس خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ ٿيو. جنهن ۾ لنڊن رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ٽيليفون جي ذريعي شرڪت ڪئي. 
Read More    Posted on: 26 Oct 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي خطرناڪ زلزلي سان ٿيندڙ تباهين ۽ جاني و مالي نقصانن تي وڏي افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ خطرناڪ زلزلي سان ٿيندڙ تباهين ۽ جاني و مالي نقصانن تي دلي افسوس جو اظهار ڪندي ايم ڪيو ايم جي سمورن عهديدارن، ڪارڪنن ۽ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن کي چيو آهي ته اهي پنهنجي مدد پاڻ جي تحت اڳتي وڌي ڪري متاثرن جي مدد ڪن.
Read More    Posted on: 26 Oct 2015
ايم ڪيو ايم جا لکين ڪارڪن ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن شبير احمد قائم خاني ۽ اسلم آفريدي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي قيام جو مقصد ئي ملڪ ۾ رائج فرسوده جاگيرداراڻه نظام جي تبديلي آهي. جنهن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ ئي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڀاءُ اڄ به جلاوطني جي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ تمام تر تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن
Read More    Posted on: 25 Oct 2015
دنيا اخبار جي سٽي ايڊيٽر زاهد حسين جي والده محترمه جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي دنيا اخبار جي سٽي ايڊيٽر زاهد حسين جي والده محترمه جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي مرحومه جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.آمين. 
Read More    Posted on: 25 Oct 2015
يوم عاشور جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي تحت سڄي پنجاب ۾ طبي ڪيمپن ۽ سبيلن جو انعقاد ڪيو ويو.
                  يوم عاشور جي موقعي تي سڄي پنجاب ۾ عزادارن حسين جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام طبي ڪيمپون قائم ڪيون ويون ۽ سبيلن ۽ لنگر جو اهتمام ڪيو ويو. تفصيلات جي مطابق ايم ڪيو ايم اپر پنجاب زون جي زير اهتمام راولپنڊي جي بني چوڪ، ايم ڪيو ايم سينٽرل پنجاب جي زير اهتمام لاهور جي رنگ محل چوڪ ۽ ايم ڪيو ايم اتر پنجاب جي زير  اهتمام ملتان ۾ ڊيره اڏي چوڪ تي طبي ڪيمپ لڳايو ويو، ڪيمپن تي عزادارن حسين کي سبيل پياري وئي ۽ انهن ۾ لنگر به ورهايو ويو. 
Read More    Posted on: 25 Oct 2015
ايم ڪيو ايم ۽ ڪي ڪي ايف جي تحت ڪراچي وانگر اندرون سنڌ ۾ به يوم عاشور جي موقعي تي نڪرندڙ جلوسن جي گذرگاهن تي طبي ۽ امدادي ڪيمپن جو انعقاد ڪيو ويو ۽ شربت ۽ پاڻي جون سبيلون به لڳايون ويون.
متحده قومي موومينٽ ۽ ان جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي زير اهتمام ڪراچي وانگر اندرون سنڌ ۾ به يوم عاشور جي موقعي تي نڪرندڙ جلوسن جي گذرگاهن تي طبي ۽ امدادي ڪيپمن جو انعقاد ڪيو ويو. پاڻي ۽ شربت جون سبيلون لڳايون ويون ۽ لنگر به ورهايو وي
Read More    Posted on: 25 Oct 2015
جيڪب آباد خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي چئن ڪارڪنن علي رضا شهيد، سڪندر علي شهيد، نياز جاکراڻي شهيد ۽ اصغر علي شهيد کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
                       جيڪب آباد خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي 4 ڪارڪنن علي رضا شهيد، سڪندر علي شهيد، اصغر علي شهيد ۽ نياز جاکراڻي شهيد کي جيڪب آباد جي مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيدن جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ حق پرست اسيمبلي ميمبرن دلاور قريشي، ديوان چند چاوله، زونل انچارج ۽ زونل ڪميٽي ميمبرن ۽ ڪارڪنن کان علاوه شهيدن جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. واضع رهي ته شهيد ڪارڪن سڪندر علي شهيد ۽ اصغر علي شهيد پاڻ ۾ سڳا ڀائر آهن. جڏهن ته هڪ ڪارڪن حسن کوسو زخمي به آهن جيڪي ايئر بيس اسپتال ۾ زير علاج آهن.
Read More    Posted on: 24 Oct 2015
Items 916 to 930 of 2634