ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي شهادت جو واقعو ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن جو هڪ حصو آهي. ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا.
ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي پنجين ورسي جي موقعي تي پريس بريفنگ.
ڪراچي: 16 سيپٽمبر 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر سيد شاهد پاشا چيو آهي ته ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد اسان جي دلين ۾ زنده آهن ۽ شهيدن جي رت سان ئي انقلابي تحريڪن کي روشني ملندي آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي پنجين ورسي جي موقعي تي ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. انهن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد کي اسان کان وڇڙي پنج سال ٿي ويا آهن پر اهي اڄ به اسان جي دلين ۾ زنده آهن. انهن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي قاتلن کي جلد کان جلد بي نقاب ڪيو وڃي.
*****