Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي پنجين ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.


متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي پنجين ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.
 Posted on: 9/16/2015
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي پنجين ورسي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.
ڪراچي: 16 سيپٽمبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ايم ڪيو ايم جي سابق ڪنوينر شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي پنجين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.ان سلسلي ۾  گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت سڄي ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۾ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ڪيا ويا. جن ۾ ذميوارن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ورسي جي سلسلي جو مرڪزي اجتماع لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي امڙ رئيسه بيگم، ڀينرن ۽ ٻين مٽن مائٽن کان علاوه رابطا ڪميٽي، سابق اسيمبلي ميمبرن، سابق سينيٽرن ۽ ڪارڪنن کان علاوه همدرد عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد سميت ايم ڪيو ايم جي سمورن شهيدن جي بخشش، لاپتا ڪارڪنن جي حفاظت سان واپسي، اسير ڪارڪنن جي رهائي، ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف سازشن جي خاتمي ۽ انهن جي صحت و سلامتي جي لاءِ به خصوصي دعائون ڪيون ويون. ان کان علاوه اندرون سنڌ ۾ حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص، نواب شاھ، سانگهڙ، ٽنڊو الهيار، عمر ڪوٽ، ڄام شورو، نوشهرو فيروز، خيرپور، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، بدين، ٺٽو، دادو، قمبر شهداد ڪوٽ ۽ پنجاب ۾ اپر پنجاب، سينٽرل پنجاب ۽ لوئر پنجاب، بلوچستان ۾ ڪوئيٽا ۽ نصير آباد جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ پشاور، ڊيره اسماعيل خان، مانسهره ۽ ايبٽ آباد ۾ به قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ڪيا ويا ۽ دعائون ڪيون ويون. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ سابق اسيمبلي ميمبرن شهداء قبرستان ۾ وڃي ڪري شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد ۽ ٻين سمورن حق پرست شهيدن جي قبرن تي حاضري ڏني ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن جي قبرن تي گل وڌا ۽ انهن جي لاءِ فاتحه خواني به ڪئي. 
*****

7/17/2024 2:41:30 PM