Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پي آئي بي ڪالوني، ملير ۽ قصبه علي ڳڙھ ۾ رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي غير قانوني ڇاپن ۽ 4 ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.

 Posted on: 9/16/2015

ڪراچي: 16 سيپٽمبر 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان پي آئي بي ، ملير ۽ قصبه علي ڳڙھ ڪالوني ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل رات ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن ايم ڪيو ايم ملير سيڪٽر يونٽ 98 جي ڪميٽي ميمبر وقاص، پي آئي بي ڪالوني سيڪٽر يونٽ 48 جي ڪارڪن عمران، ايم ڪيو ايم قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر يونٽ 122 اي جي ڪارڪنن نعيم ۽ بابر آزاد کي انهن جي گهرن کان گرفتار ڪري ورتو ۽ انهن کي اڻ ڄاتل هنڌ تي منقتل ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته شهر ۾ ڏوهاري ماڻهو ۽ پابندي وڌل تنظيمن جا دهشت گرد سرگرم آهن پر انهن کي گرفتار ڪرڻ جي بجاءِ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا اهلڪار ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ئي گرفتار ڪري رهيا آهن ۽ اهو انهن روز جو معمول بڻائي ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته حق پرستي جي راھ ۾ ماضي ۾ به ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن انهن تڪليفن کي برداشت ڪري چڪا آهن ۽ آئنده به اهي سڀ ڪجھ برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن پر اهي پنهنجي قائد جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي ۽ نظريي جي سچائي تي ڪنهن به قسم جي سودي بازي ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ، ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار ۽ ڊي جي رينجر جنرل بلال اڪبر کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ انهن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪرائين ۽ ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن جو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙي ان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ جو سلسلو به بند ڪرائين.
*****

7/17/2024 2:24:46 PM