Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
نديم نصرت کي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو قائم مقام ڪنوينر ۽ عامر خان کي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي.ايم ڪيو ايم جو اعلاميو
متحده قومي موومينٽ جو هڪ اهم اجلاس نائن زيرو تي ٿيو. اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي ميمبرن، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ شعبن جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تنظيمي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ تنظيمي معاملن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ فيصلا به ڪيا ويا. انهن فيصلن جي مطابق سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت

Read More    Posted on: 15 Oct 2015
محرم الحرام ۾ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ جي لاءِ 15 آڪٽوبر بروز خميس تي لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ مختلف مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن جي هڪ تقريب منعقد ٿيندي.
             متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام محرم شريف ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 15 آڪٽوبر بروز خميس تي لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ هڪ تقريب منعقد ٿيندي. جنهن ۾ مختلف مڪاتب فڪر جا عالم سڳورا شرڪت فرمائيندا. تقريب کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين خطاب به فرمائيندا.
Read More    Posted on: 14 Oct 2015
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ سي اي سي انچارج جو ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران بول ٽي وي جي متاثرن جي ڪيمپ جو دورو.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن زرين مجيد، شبير احمد قائمخاني، ڪمال ملڪ ۽ سي اي سي انچارج وسيم اختر ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران بول ٽي وي چينل جي ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار به ڪيو. 
Read More    Posted on: 14 Oct 2015
مظفر ڳڙھ ۾ پوليس اهلڪارن جي طرفان هڪ عورت جي لڄ لٽڻ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي انچارج محترمه ڪشور زهرٰي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ شعبه خواتين جي انچارج ۽ ميمبر قومي اسيمبلي محترمه ڪشور زهرٰي مظفر ڳڙھ ۾ پوليس اهلڪارن جي طرفان هڪ عورت جي لڄ لٽڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ انصاف نه ملڻ تي عورت جي طرفان پاڻ کي ٿاڻي جي ٻاهران باھ ڏيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 14 Oct 2015
ڊيره غازي خان ۾ مسلم ليگ ن جي ميمبر قومي اسيمبلي سردار امجد فاروق کوسي جي اليڪشن آفيس ۾ بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڊيره غازي خان ۾ مسلم ليگ ن جي ميمبر قومي اسيمبلي سردار امجد فاروق کوسي جي اليڪشن آفيس ۾ بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 ماڻهن جي هلاڪ ۽ ڪجھ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي
Read More    Posted on: 14 Oct 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي سينيئر صحافي ۽ دي نيوز ايمپلائيز يونين جي صدر محترمه سحر بانو جي والده جي وفات تي تعزيت جو اظهار.
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سينيئر صحافي ۽ دي نيوز ايمپلائيز يونين جي صدر محترمه سحر بانو جي والده جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. 
Read More    Posted on: 13 Oct 2015
متحده قومي موومينٽ جي چار رڪني وفد سنڌ جي سابق وزير اعلٰي ارباب غلام رحيم سان ڪراچي ۾ انهن جي رهائشگاھ تي ملاقات ڪئي.

             متحده قومي موومينٽ جي چار رڪني وفد سنڌ جي سابق وزير اعلٰي ارباب غلام رحيم سان ڪراچي ۾ انهن جي رهائشگاھ تي ملاقات ڪئي. وفد ۾ مڪاني اليڪشن جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي جا ميمبر رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين، شبير احمد قائم خاني، سي اي سي انچارج وسيم اختر ۽ مستعفي ميمبر ڪنور نويد جميل شامل هئا
Read More    Posted on: 13 Oct 2015
ايم ڪيو ايم جي نامزد مڪاني اميدوارن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ انهن جون گرفتاريون به ڪيون پيون وڃن. وسيم اختر.
 متحده قومي موومينٽ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي انچارج وسيم اختر چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل مڪاني اميدوارن جي ۽ انهن جي گرنٽيئرن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ انهن جون گرفتاريون ڪيون پيون وڃن.
Read More    Posted on: 13 Oct 2015
دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا سيڪٽر جي ڪارڪن ارشد حسين جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي هٿياربند دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا سيڪٽر يونٽ 148 جي ڪارڪن ارشد حسين جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 13 Oct 2015
ايم ڪيو ايم جي وفد جو گلستان جوهر ۾ ڪکائن گهرن تي مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي جڳھ جو دورو.
 ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر بلاڪ نمبر 1 ۾ ڪکائن گهرن تي مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي جي رات جو اطلاع ملندي ئي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر سيد شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبرن امين الحق، محمد حسين ۽ ٻين گلستان جوهر بلاڪ نمبر 1 ۾ واقع حادثي واري جڳھ جو هنگامي دورو ڪيو ۽ امدادي ڪمن جو جائزو  به ورتو
Read More    Posted on: 13 Oct 2015
ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا سيڪٽر يونٽ 148 جي ڪارڪن ارشد حسين جي شهادت تي جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا سيڪٽر يونٽ 148 جي ڪارڪن ارشد حسين ولد لئيق حسين جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 13 Oct 2015
گلستان جوهر ۾ مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ ڪکائن گهرن تي مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي
Read More    Posted on: 13 Oct 2015
سياسي سرگرمين کي روڪڻ جي لاءِ ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي چونڊي چونڊي گرفتار ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين کي روڪڻ جي لاءِ ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي چونڊي چونڊي گرفتار ڪيو پيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر، پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪار ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري رهيا آهن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي نه ملڻ تي انهن جي مٽن مائٽن کي گرفتار ڪري رهيا آهن
Read More    Posted on: 12 Oct 2015
ايم ڪيو ايم جا آئيني ۽ قانوني ماهر گلگت بلتستان عدالت جي طرفان ڏنل فيصلي جي آئيني ۽ قانوني رخن جو جائزو وٺي رهيا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي گلگت بلتستان جي دهشت گردي ٽوڙ عدالت جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي 81 سالن جي سزا ٻڌائڻ تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا آئيني ۽ قانوني ماهر گلگت جي عدالت جي طرفان ڏنل ان فيصلي جي رخن جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ قانوني ماهرن جي سفارشن جي روشني ۾ان باري ۾ آئنده  جو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو.
Read More    Posted on: 12 Oct 2015
ڊان نيوز جي رپورٽر عمران احمد جي والد جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار.
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڊان نيوز جي رپورٽر عمران احمد جي والد ولي احد جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار حمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. 
Read More    Posted on: 11 Oct 2015
Items 976 to 990 of 2634