Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

“ شهيدِ انقلاب ” ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جو نالو ايم ڪيو ايم جي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


“ شهيدِ انقلاب ” ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جو نالو ايم ڪيو ايم جي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 9/15/2015
“ شهيدِ انقلاب ” ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جو نالو ايم ڪيو ايم جي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد تمام تر رياستي ظلمن ، ڏاڍ ، سازشن ۽ پروفيگنڊن جي باوجود ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو.
ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي پنجين ورسي جي موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج عقيدت پيش.
لنڊن: 15 سيپٽمبر 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين “ شهيد انقلاب ” ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي پنجين ورسي جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي فرمايو آهي ته ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جو نالو ايم ڪيو ايم جي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد تحريڪ جي شروعاتي ڏينهن جي ساٿين مان هڪ هئا، جن تحريڪ جي قافلي کي اڳتي وڌائڻ، تحريڪ جي فڪر و فلسفي کي ڦيلائڻ ۽ ايم ڪيو ايم کي منظم ڪرڻ ۾ هڪ نمايا ن ڪردار ادا ڪيو هو . انهن فرمايو ته تحريڪ جي خلاف ٿيندڙ بدترين رياستي آپريشن جي دوران تمام تر رياستي ظلمن، ڏاڍ، سازشن ۽ پروفيگنڊن جي باوجود ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جنهن ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو ۽ جهڙي طرح آخري ساھ تائين تحريڪ سان وفا ڪئي اهو تحريڪ جي سمورن ڪارڪنن جي لاءِ هڪ مشعل راھ آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته تحريڪ جي لاءِ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ڪيو ويندو ۽ انهن جو نالو تحريڪ جي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو ۽ تحريڪ جي سمورن ساٿين جي دلين ۾ انهن جو احترام به هميشه رهندو. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي مغفرت فرمائي، انهن جا درجات بلند فرمائي ۽ انهن جي پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي. آمين.

7/17/2024 2:42:27 PM