لنڊن انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ “ شهيد انقلاب ” ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي پنجين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.
لنڊن: 17 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر “ شهيد انقلاب ” ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي پنجين ورسي لنڊن ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي ۽ شهيد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي ايصالِ ثواب جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جو اجتماع منعقد ٿيو. اجتماع ۾ رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت ، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، پاڪستان کان آيل گلفراز خان خٽڪ ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن ۽ ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي گهر واري شمائله عمران ۽ ٻارڙن عالي شان عمران ۽ جدان عمران خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي بلند درجات، شهيد جي سوگوار پونئرن جي لاءِ صبر جميل، ايم ڪيو ايم ۽ جناب الطاف حسين جي خلاف سازشن جي خاتمي ۽ حق پرستانه مشن و مقصد جي ڪاميابي کان علاوه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و سلامتي جي لاءِ خصوصي دعائون به ڪيون ويون.
*****