ايم ڪيو ايم جي طرفان نالي واري آئيني ۽ قانوني ماهر ۽ سينيئر سياسي رهنما بيرسٽر اعتزاز احسن جي خيالن جو خير مقدم.
ڪراچي: 14 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ ملڪ جي نالي واري آئيني ۽ قانوني ماهر ۽ سينيئر سياسي رهنما بيرسٽر اعتزاز احسن جي خيالن جو خير مقدم ڪندي چيو آهي ته بيرسٽر اعتزاز احسن اڄ سينيٽ جي ايوان ۾ جن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. اهي ملڪي سلامتي جي خير خواھ ماڻهن جي لاءِ ڳڻتي جي ڳالھ کان گهٽ نه آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته اسان اعتزاز احسن ۽ ويٽرن رهنما سينيٽر فرحت الله بابر جي خيالن جو خير مقدم ڪندي پاڪستان جي سمورن جمهوريت پسند ۽ روشن خيال سياستدانن، دانشورن، ليکڪن ۽ سياسي جماعتن کي به اپيل ڪريون ٿا ته اهي به اعتزاز احسن ۽ فرحت الله بابر جي بيانن جو خير مقدم ڪن ۽ سنڌ ۾ پائي ويندڙ بي چيني جي خاتمي جي لاءِ آواز بلند ڪن.
*****