Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان پاڪستان جا دشمن نه بلڪه پاڪستان جا سڄڻ آهيون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


اسان پاڪستان جا دشمن نه بلڪه پاڪستان جا سڄڻ آهيون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 9/17/2015
اسان پاڪستان جا دشمن نه بلڪه پاڪستان جا سڄڻ آهيون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اسان پاڪستان کي قائد اعظم جي ويزن جي مطابق هڪ اهڙو ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جتي امير ۽ غريب جي عزت برابر هجي، سڀني کي برابر جا حق حاصل هجن ۽ ميرٽ جو نفاذ ٿئي.
پوليس ۽ رينجر ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن تي ڪيترن ئي عالمن سڳورن جي قتلن جو الزام لڳائي ڇڏيو پر ممتاز اينڪر حامد مير پنهنجي پروگرام ۾ ٻڌايو ته پوليس جا ٽاپ آفيسر ڪيترن ئي ماڻهن کي انهن عالمن سڳورن جي قاتلن جي طور تي اڳ ۾ ئي گرفتار ڪرڻ جو دعوٰي ڪري چڪا آهن.
جيڪڏهن واقعي ايم ڪيو ايم ڪمزور ٿي رهي آهي ته اهو ايم ڪيو ايم جو معاملو آهي، تعصب پرست تجزيه نگار ۽ اينڪرَ ان ڳڻتي ۾ ڏٻرا ڇو ٿي رهيا آهن؟
پنهنجي 62  هين سالگره جي رات نائن زيرو، حيدرآباد ۽ لنڊن ۾ ڪارڪنن کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: 17 سيپٽمبر 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان پاڪستان جا دشمن نه بلڪه پاڪستان جا سڄڻ آهيون، اسان پاڪستان کي قائد اعظم محمد علي جناح جي ويزن جي مطابق هڪ اهڙو ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جتي امير ۽  غريب سڀني جي عزت برابر هجي، سڀني کي برابر جا حق حاصل هجن ۽ ميرٽ جو نفاذ هجي. انهن فرمايو ته پوري دنيا ۾ هن وقت جنگيون، دهشت گردي ۽  وڏا وڏا تڪرار هلي رهيا آهن. پاڪستان به دهشت گردي جي ور چڙهيل آهي. ملڪ ۾ آپريشن ضرب عضب جاري آهي پر پاڪستان جا سياسي تجزيه نگار سمورن عالمي تڪرارن ۽ ملڪ جي ٻين وڏن وڏن سنگين معاملن کي ڇڏي ڪري ان بحث ۾ لڳل آهن ته ايم ڪيو ايم جو گراف ڪري رهيو آهي، ان ۾ گروپ بڻجي رهيا آهن ۽ ايم ڪيو ايم ڪمزور ٿي رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن پنهنجي 62 هين سالگره جي رات نائن زيرو ، حيدرآباد ۽ لنڊن ۾ گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي فرمايو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ طرف ته منهنجن خطابن، بيانن، تصويرن ۽ تقريرون نشر ڪرڻ تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي ته ٻئي طرف هاڻي اسان جي آواز کي ڌٻائڻ جي لاءِ مخالف قوتن جي طرفان اسان جي ويب سائيٽ ۾ به خلل وڌو پيو وڃي. انهن ڪارڪنن ۽ عوام کي مخاطب ڪندي فرمايو ته انقلابي تحريڪن کي اهڙين آزمائشين مان گذرڻو پوي ٿو ان جي ڪري اوهان ان صورتحال کان بلڪل به مايوس نه ٿيو ۽ صبر کان ڪم وٺو. الله تعالٰي به صبر ڪرڻ وارن کي پسند ڪري ٿو ۽ انهن جو ئي ساٿ ڏيئي ٿو.  انهن ان موقعي تي قرآن پاڪ جي سوره العصر جي تلاوت به فرمائي ۽ ان جو ترجمو به بيان ڪيو ته “ قسم آهي زماني جو بيشڪ انسان خساري ۾ آهي. پر اهي ماڻهو نه جن ايمان آندو، صالح عمل ڪيو ۽ اهي حق جي تلقين ڪندا رهيا ۽ صبر ڪندا رهيا. انهن فرمايو ته الله تعالٰي قرآن پاڪ ۾ ارشاد فرمائي ٿو ته بيشڪ حق اچڻ جي لاءِ ۽ باطل ميٽجڻ جي لاءِ آهي.انهن قرآن پاڪ جي سوره ڪوثر جي به تلاوت فرمائي ۽ ان جو ترجمو بيان فرمايو ته اسان توهان کي ڪوثر عطا ڪيو، تو الله سائين جي عبادت ڪر ۽ ان جي راھ ۾ قرباني ڪر. بيشڪ توهان جو دشمن ابتر رهندو. انهن فرمايو ته قرباني صرف جان ئي جي نه بلڪه مال جي به ٿئي ٿي. وقت جي به ۽ خواهشن جي به قرباني ٿئي ٿي.جيڪو حق جي راھ ۾ قرباني ڏيندو ۽ صبر ڪندو ته الله تعالٰي به ان جي مدد ڪندو ۽ اسان جا دشمن ئي ابتر رهندا. جناب الطاف حسين اختيار رکندڙ ڌرين کي مخاطب ڪندي فرمايو ته الطاف حسين توهان جي ملڪ جو هڪ شهري آهي. توهان ان جي آواز کي ڌٻائڻ جي لاءِ ان جي تقريرن ۽ ايستائين جو ان جي تصويرن تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي. الطاف حسين ته تمام گهڻو ڪمزور انسان آهي. پر جڏهن ته توهان جي طاقت جو سڄو زور الطاف حسين تي آهي پر جڏهن ته سرحد تي موجود دشمن سان ته ڳالهيون ڪري رهيا آهيو. الطاف حسين تي پابندي لڳائڻ جي بجاءِ ان طاقتور دشمن جي خلاف پنهنجي طاقت کي استعمال ڪريو. پنهنجي طاقت جي باري ۾ ان قدر گمان ۾ نه رهو جو الله تعالٰي جي طاقت کي ئي وساري ويهو. الله تعالٰي ئي سڀني کان وڏي طاقت آهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ان جي بي گناھ ڪارڪنن جو ماورائي عدالت قتل ڪيو پيو وڃي. اسان جي ڪارڪنن سان جيلون ۽ ٿاڻا ڀريا پيا وڃن. اسان جو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي، اسان کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ طرح طرح جا الزام لڳايا ويا پر جڏهن ڪجھ به نه مليو ته منهنجي آواز کي ڌٻائڻ جي لاءِ ٽي وي تي منهنجي تقرير يا بيان نشر ڪرڻ ۽ اخبارن ۾ خبرون ۽ تصويرون شايع ڪرڻ تي به پابندي عائد ڪئي وئي آهي. ان مقصد جي لاءِ ميڊيا جي آزادي جو به ڳلو ڌٻايو پيو وڃي ۽ ان تي ڌٻاءُ وڌو پيو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان وٽ ميڊيا جي حالت اها ٿي وئي آهي جو هن وقت عرب رياستن ۽ آفريڪا جي ملڪن مان يورپي ملڪن ڏانهن  تاريخ جي سڀني کان وڏي انساني هجرت ٿي رهي آهي. لکين ماڻهو پنهنجي بقا جي لاءِ زميني ۽ سامونڊي رستن جي ذريعي محفوظ يورپي ملڪن ڏانهن هجرت ڪري رهيا آهن ۽ ان ڪوشش ۾ ڪٿي سمنڊ ۾ ٻڏي ڪري پنهنجين جانين کان هٿ ڌوئي رهيا آهن ته ڪٿي ٻين حادثن ۾ پنهنجيون جانيون وڃائي رهيا آهن. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جنگيون ۽ وڏا وڏا تڪرار هلي رهيا آهن. پر پاڪستان ۾ ان تي ڪو به تبصرو نه ٿي رهيو آهي. پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ماڻهو بک مري رهيا آهن. اسڪولن جون ٻارڙيون زهريلي اسپري سان بيمار ٿي رهيون آهن. پر ان تي به ڪو تبصرو نه ٿي رهيو آهي. پر پاڪستان جا ڪجھ تعصب پرست سياسي تجزيه نگار وڏن وڏن سنگين معاملن کي ڇڏي ڪري ان بحث ۾ لڳل آهن ته ايم ڪيو ايم جو گراف ڪري رهيو آهي. ان ۾ گروپ بڻجي رهيا آهن ۽ ايم ڪيو ايم ڪمزور ٿي رهي آهي. جيڪڏهن واقعي ايم ڪيو ايم ڪمزور ٿي رهي آهي ته اهو معاملو ايم ڪيو ايم جو آهي. اهي تعصب پرست تجزيه نگار ۽ اينڪر پرسن ان ڳڻتي ۾ ڏٻرا ڇو ٿي رهيا آهن؟ ايم ڪيو ايم پنهنجن ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، ظلمن ۽ زيادتين جي خلاف يوم سوڳ ملهايو ته رينجر شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ دڪاندارن کي ڌمڪيون ڏيئي ڪري ۽ انهن تي دٻاءُ وجهي ڪري دڪانون کولرايون، ان تي تعصب پرست اينڪرن ۽ تجزيه نگارن اهي تبصرا ڪيا ته ايم ڪيو ايم جي هڙتال ناڪام ٿي وئي آهي. جيڪڏهن واقعي اهڙو آهي ته انهن تعصب پرست اينڪرن ۽ تجزيه نگارن جي پيٽ ۾ سور ڇو پئجي رهيو آهي. يوم سوڳ جي ٻئي ڏينهن ئي ايم ڪيو ايم هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ته ان تي به تعصب پرست تجزيه نگارن اهي تبصرا ڪيا ته ريلي ننڍڙي هئي. جيڪڏهن واقعي ريلي ننڍي هئي ته ان تي به اهي تعصب پرست ماڻهو ڇو پريشان ٿي رهيا آهن. انهن فرمايو ته اسان صحافت جي آزادي تي يقين رکون ٿا ۽ ان جا علمبردار آهيون. پر خدا جي واسطي اسان تي ڪوڙا ۽ من گهڙت الزام نه لڳايا وڃن. ڇو ته ان سان اوهان جي ڪردار جي خبر پوي ٿي. انهن فرمايو ته جتي هڪ طرف تعصب پرست اينڪرن ۽  تجزيه نگارن جا تعصب وارا تبصرا ۽ تجزيه آهن ته اتي ٻئي طرف ڪجھ سياسي تجزيه نگار اهڙا به آهن. جيڪي هوا جي رخ تي هلڻ جي بجاءِ ڄمي ڪري حق ۽ سچ ڳالهائي رهيا آهن ۽ مان اهڙن سچ ڳالهائڻ وارن تجزيه نگارن کي سلام تحسين پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ٽي ڏينهن اڳ پوليس ۽ رينجر ايم ڪيو ايم جي هڪ ڪارڪن کي پڪڙي ڪري ان تي ڪيترن ئي عالمن سڳورن جي قتل جو الزام لڳائي ڇڏيو. پر اڄ جيو نيوز جي ممتاز اينڪر حامد مير پنهنجي پروگرام ۾ واضع طور تي چيو ته ان کان اڳ به پوليس جا ٽاپ آفيسر ڪيترن ئي ماڻهن کي انهن ئي عالمن سڳورن جي قاتل جي طور تي گرفتار ڪرڻ جو دعوٰي ڪري چڪا آهن. خبر نه آهي ته عالمن سڳورن جا قاتل اُهي هئا يا اِهي آهن؟ انهن سچائي بيان ڪرڻ تي حامد مير کي زبردست سلام تحسين به پيش ڪيو. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي يوم سوڳ جي باري ۾ رينجر جي بيان تي به سخت افسوس جو اظهار ڪندي فرمايو ته ان طرح جا سياسي بيان ڏيڻ ۽ تبصرا ڪرڻ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي زيب نه ٿو ڏيئي. سياسي بيان ڏيڻ رينجر يا ڪنهن به قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جو ڪم نه آهي بلڪه ان ڪم کي نواز شريف، آصف علي زرداري ۽ عمران خان تي ڇڏي ڏين. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا جتي ڪنهن به غريب کي پنهنجو ڪم ڪرائڻ جي لاءِ رشوت ڏيڻ يا سفارش ڪرائڻ جي ضرورت نه پوي. جتي هڪ جهڙو تعليم جو نظام هجي. انهن وڌيڪ فرمايو ته مان چاهيان ٿو ته پاڪستان ترقي ڪري، خوشحال ٿئي. پاڻي ، بجلي، گيس ۽ روزگار سمورن شهرين کي ملي ۽ ميرٽ جو نظام قائم ٿئي. انهن فرمايو ته اسان قانون کي هٿن ۾ کڻڻ نه ٿا چاهيون. اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ اهڙو معاشرو قائم ٿئي جتي قانون جي حڪمراني قائم ٿئي. جيڪو قانون جي خلاف ورزي ڪري ان جي خلاف قانون جي تحت ئي ايڪشن ٿئي، اهو سويلين هجي ، پوليس وارو هجي يا رينجر وارو هجي. جناب الطاف حسين سمورن ڪارڪنن خصوصن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي پان ، گٽڪو، پان پراگ ۽ اهڙي طرح جي ٻين صحت کي نقصان پهچائيندڙ شين کان پاسو ڪن ۽ پنهنجي تعليم تي خصوصي توجه ڏين. جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب جي آخر ۾ دعا فرمائي ته جيڪي ماڻهو ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن. الله تعالٰي انهن جي سازشن کي ناڪام بڻائي ، اسان جي تحريڪ کي ان جي مشن و مقصد ۾ ڪاميابي عطا فرمائي. ان جدوجهد ۾ ڀلي ڪيتريون ئي مشڪلاتون اچن الله تعالٰي اسان کي انهن جو سامنو ڪرڻ جي جرت ۽ همت عطا فرمائي. اسان جي دشمنن جي ذهنن مان سمورين خراب ڳالهين کي ڪڍي ڇڏي، جيڪڏهن سٺا خيال هجن ته انهن کي پروان چڙهائي. الله تعالٰي اسان جي شهيدن جي قربانين کي قبول فرمائي. انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.، لاپتا ساٿين کي بازياب ڪري اسان کي انهن سان ملائي ڇڏي، يا اسان کي ايتري خبر ڏيئي ڇڏي ته اهي زنده به آهن يا جيڪڏهن اهي حراست ۾ ماريا ويا آهن ته انهن جي قبرن جي خبر پئجي وڃي ته جيئن اتي اسان گهٽ ۾ گهٽ فاتحه ته پڙهي سگهون. جناب الطاف حسين سخت گرمي ۽ اس جي باوجود شاندار ريلي جي انعقاد تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي، سمورن شعبن ۽ ونگز جي ميمبرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر شاباش پيش ڪئي.
*****


7/17/2024 2:24:22 PM