سعودي عرب ۾ ڪرين ڪرڻ جي حادثي جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم سانگهڙ زون شهداد پور سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبر نويد مرتضٰي جي شهادت تي جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
لنڊن: 15 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سعودي عرب ۾ ڪرين ڪرڻ جي حادثي جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم سانگهڙ زون شهداد پور سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبر نويد مرتضٰي جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين شهيد جي خدمتن کي ساراهيو ۽ انهن کي خراج عقيدت به پيش ڪيو. جناب الطاف حسين شهيد جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي شهيد کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.
*****